English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير بار ۾ لطيف ڏانهن لاڙو جي عنوان سان پروگرام منعقد، لال جروار، ستار رند، مھراڻ درس، رزاق چانڊيو، بشير جروار ۽ ٻين جي شرڪت
248 views
|
20th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
لطيف جي ڌرتي تي سنڌي عوام کان وڌيڪ ڪو به طاقتور ناهي: لال جروار ۽ ٻيا
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير بار ۾ لطيف ڏانهن لاڙو جي عنوان سان پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ستار رند، مھراڻ درس، رزاق چانڊيو، بشير جروار ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي لال جروار چيو ته لطيف جي ڌرتي تي سنڌي عوام کان وڌيڪ ڪو به طاقتور ناهي، ڪا به فاشسٽ حڪومت سنڌي قوم کي پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي حفاظت کان روڪي نٿي سگهي، اسان جي ابن ڏاڏن پنهنجي جانين جا نظرانا ڏئي اسان جو وطن سنڌ اسان تائين محفوظ پهچايو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ تي سدائين حملا ٿيندا رهيا آهن، ڪاهون ٿينديون رهيون آهن پر سنڌي قوم سدائين حملا آورن کي شڪست ڏئي پنهنجي ڌرتي ڌارين کان آجي ڪرائي آهي، هن چيو ته هن وقت ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ مٿان حملو ٿيو، سنڌين کان پنهنجي ڌرتي ڦري پئي وڃي، ماڻهن کان ابن ڏاڏن جون زمينون ڦري ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين حوالي ڪئي پئي وڃي. لطيف جي شاعري تي ڳالهائيندي لال جروار چيو ته لطيف سنڌ جو عظيم، يگانو ۽ لازوال شاعر آھي، جنھن پنھنجي شاعري وسيلي حب الوطني سان گڏ عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ جدوجھد، جاکوڙ ۽ جستجو جو پيغام ڏنو آھي. ھن چيو ته لطيف ھارين، پورھيتن ۽ مسڪينن جو ترجمان ھو، لطيف پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ ويڙهه جو درس ڏئي ٿو، لطيف جي شاعري ۾ وطن، پنهنجن ماروئڙن، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جدوجهد جو درس سمايل آهي، لطيف سنڌ جي سورمين جي ساراهه ڪئي آهي، توهان ڏٺو ته 16 نومبر تي ڪيئن سنڌ جي سورمين ميدان ملهايو، سنڌياڻي تحريڪ ڪيئن پيپلز پارٽي جي فاشسٽ راڄ جو مقابلو ڪيو، لطيف سنڌ جي عورتن جي طاقت، سچائي ۽ جرئتمندي جو مداح هو، لطيف سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن سکن کان ويندي همٿن ۽ حوصلن کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻايو. لال جروار وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، 26هين،27هين ۽ پوءِ هاڻ 28هين ترميم جون تياريون اهو سڀ ڪجهه جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن جو منصوبو آهي، هن چيو ته انهن سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ڪري رهي آهي، لاڙڪاڻي ۾ 21 ڊسمبر تي هڪ زبردست مارچ ڪيو ويندو. توهان سڀني وڪيل دوستن کي ان مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير بار ۾ لطيف ڏانهن لاڙو جي عنوان
لطيف جي ڌرتي تي سنڌي عوام کان وڌيڪ
0 تبصرے