اڪبر دلواڻي نائب صدر ۽ بلاول سمون جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ٺٽو جي سالياني اليڪشن اڄ پريس ڪلب ٺٽو ۾ ٽہ رڪني اليڪشن ڪميٽي جنھن ۾ عبدالله راڻو، مقصود جوکيو ۽ خدابخش بروهي شامل ھئا تن جي نگراني ۾ ٿي ۔ اليڪشن ۾ سال 2026 لاءِ عهديدار گڏيل صلاح مشوري سان منتخب ڪيا ويا۔منتخب ٿيندڙ عهديدارن ۾ صدر شبير ڀٽي، سينيئر نائب صدر ارجن مهيشوري، نائب صدر اڪبر دلواڻي، جنرل سيڪريٽري بلاول سمون، جوائنٽ سيڪريٽري راجا تنوير خاصخيلي، خزانچي اي بي شورو ۽ پريس سيڪريٽري مرزا حسن بيگ شامل آهن۔نون منتخب ٿيل عهديدارن ان موقعي تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ضلعي ٺٽي جي صحافين جي سڀ کان وڏي ۽ نمائنده تنظيم آهي۔ سندن چوڻ ھو ته جيڪا ميمبرن اڄ دلچسپي ڏيکاري آھي ، ان مان تنظيم جي مضبوطي ۽ فعال ڪردار جو صاف اندازو لڳائي سگھجي ٿو۔هنن چيو ته تنظيم جو بنيادي مقصد صحافي برادري جي مسئلن ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ، انهن جي فلاح، تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻڻ آهي۔ ساڳي طرح زرد صحافت جي رستا روڪ ۽ صحافت جي نالي تي سرگرم ڪارين رڍن جو رستو روڪڻ به تنظيم جي ترجيحن ۾ شامل آهي۔ عهديدارن موجب تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن ضلعي ٺٽي جو ڪو به صحافي پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري۔انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين وڃي پروفيشنل صحافين کي تنظيم جو حصو بڻايو ويندو۔ اجلاس ۾ گذريل باڊي پنهنجي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ به پيش ڪئي، جنهن کي ساراهيو ويو۔هن اجلاس ۾ ٺٽو، مڪلي، گهارو، ڌاٻيجي، ساڪرو، گهوڙااٻاڙي، جنگشاھي سميت مختلف پريس ڪلبن سان تعلق رکندڙ پنجاهه کان وڌيڪ صحافين شرڪت ڪئي۔
0 تبصرے