English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ملز جي ملازمن تي تشدد ۽ ڪيسن خلاف قومي اسيمبلي ۾ به پڙاڏو
337 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڄام عبدالڪريم بجار جوکيو گلشن حديد ۾ پاڻي بندش ۽ ايف آءِ آرز خلاف سخت احتجاج
اسلام آباد / ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مور) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ چيئرمين سوشل ويلفيئر ضلعو ملير سردار جام عبدالڪريم بجار جوکيو قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پنهنجي تڪ گلشن حدید ۾ گذريل چار مهينن کان جاري پاڻي جي بندش ۽ اسٽيل ملز جي مظلوم مزدورن تي مبينا تشدد ۽ ڪيسن جي داخل ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو سردار جام عبدالڪريم پنهنجي تقرير ۾ چيو ته گلشن حدید ۽ اسٽيل ٽائون جا رهاڪو پاڻي، بجلي ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته احتجاج ڪندڙ محنتڪش ۽ پيپلز پارٽي جا مقامي اڳواڻن تي ڪوڙا ايف آءِ آر داخل ڪيا پيا وڃن، جيڪو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي اُنهن قومي اسيمبلي ۾ مطالبو ڪيو ته گلشن حدید جو پاڻي فوري طور بحال ڪيو وڃي، اسٽيل ملز مان برطرف ٿيل ملازمن کي سندن واجبات ادا ڪيا وڃن ۽ پُرامن احتجاج ڪندڙ مزدورن خلاف داخل ڪيل ڪيس فوري طور واپس ورتا وڃن سردار جام عبدالڪريم وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه مزدور دوست پارٽي رهي آهي، تنهن ڪري اهڙا قدم پارٽي جي منشور ۽ عوامي خدمت جي اصولن جي خلاف آهن۔ هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي وزارتِ صنعت و پيداوار کان مطالبو ڪيو ته اسٽيل ملز جي مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ۽ مظلوم مزدورن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ۽ مزدورن تي ظلم جو سلسلو بند نه ٿيو ته هو اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر احتجاجي مهم کي وڌيڪ وسيع ڪندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے ایران پر فضائی حملے شروع کر دیے
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اھم اجلاس منعقد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سٽي پوليس پاران 4 جوابدار گرفتار ڪري 4 ڪلو آفيس ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ڀرسان پٽ جو پيرسن والدين ۽ ڀاءُ تي مبينا تشدد
30th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ انڊيجيئنس رائيٽس الائنس پاران ملير ۽ شاهه حسن ٻيٽ تي زمينن تي قبضي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسٽيل ملز جي ملازمن
خلاف قومي اسيمبلي ۾ به پڙاڏو
ڄام عبدالڪريم بجار جوکيو
0 تبصرے