ملير جدوجهد ڪميٽي جي وفد جي اي جي آئي خانگي ڪمپني جي انچارج ايس پي شعبان سان ملاقات

خانگي ڪمپني جي انچارج وفد کان 15 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي، جدوجهد ڪميٽي پاران 13 نومبر وارو احتجاج ملتوي

ملير جدوجهد ڪميٽي جي وفد جي اي جي آئي خانگي ڪمپني جي انچارج ايس پي شعبان سان ملاقات

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جدوجهد ڪميٽي جي وفد اقبال ڪلمتي جي اڳواڻي م اي جي آئي نجي ڪمپني جي ايڊمنسٽريٽر ۽ انتظاميا جي نمائندي ايس پي ملير ڊاڪٽر شعبان سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ڪمپني طرفان علائقي جي ماڻهن جي جائز مطالبن ۽ مسئلن بابت ڳالهيون ڪيون ويون۔ ملاقات بعد اقبال ڪلمتي صحافين کي ٻڌايو ته اي جي آئي ڪمپني جي انتظاميا پاران ملير جدوجهد ڪميٽي کان پندرهن ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي ته جيئن ماڻهن جي مسئلن جو جائزو وٺي، حل لاءِ عملي قدم کنيا وڃن۔ انتظاميا جي يقين دهانيءَ ڊاڪٽر شعبان پڻ ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ تي زور ڏنو۔ان حوالي سان ملير جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪمپني جي انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا طرفان حل جي يقين دهاني کان پوءِ 13 نومبر تي رکيل احتجاجي مظاهرو عارضي طور ملتوي ڪيو ويو آهي۔ ڪميٽي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مقرر مدي اندر مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته ٻيهر وڏو احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي جدوجهد ڪميٽي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سندن مطالبا عوامي مفاد ۽ علائقي جي ترقي سان لاڳاپيل آهن، ۽ هو پرامن جدوجهد تي يقين رکن ٿا۔ هنن ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ڪمپني انتظاميا کي تنبيه ڏيندي چيو ته عوام جي صبر جو امتحان نه وٺجي، ٻي صورت ۾ احتجاج ٻيهر شروع ڪيو ويندو۔واضح رهي ته ملير جدوجهد ڪميٽي علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي، روزگار، ماحولياتي تحفظ ۽ سماجي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي۔