عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ وهرو واسي ڪنڀار برادري جو زمين تي مبينه قبضي خلاف احتجاج

ڪولهي برادري جا الزام رد، 19 ايڪڙ زمين اسان جي ذاتي ملڪيت آهي: حاجي موسيٰ ڪنڀر

عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ وهرو واسي ڪنڀار برادري جو زمين تي مبينه قبضي خلاف احتجاج

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ جي ڳوٺ وهرو ۾ زمين تي مبينه قبضي واري معاملي تي ڪنڀار برادري جي اڳواڻن حاجي موسي ڪنڀر، حاجي لقمان ڪنڀر ۽ حاجي سجاد ڪنڀر پاران وهرو شريف ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ هنن ڪولهي برادري طرفان لڳايل الزامن کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته هي 19 ايڪڙ زمين اسان جي ذاتي ملڪيت آهي، جنهن جا سمورا قانوني دستاويز اسان وٽ موجود آهن، پر سياسي اثر هيٺ اسان خلاف ڪوڙو پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي، پريس ڪانفرنس ۾ حاجي موسي ڪنڀار چيو ته اسان جي زمين تي سرڪاري اسڪول، هڪ گهر ۽ مينھن جا واڙا قائم آهن، ھن چيو ته مان عمرو ڪرڻ ويو هئس ته پٺيان هٿياربند ماڻهون زبردستي قبضو ڪرڻ آيا، ان وقت به اسان کي انصاف تہ نه مليو پر اسان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪو ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آھي، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته وهرو ۽ عمرڪوٽ جا ماڻهون ڄاڻن ٿا ته اسين پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري نوڪرين وارا ماڻهون آهيون، قبضو ڪرڻ يا ڪنهن سان زيادتي ڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون، اسان تي بي بنياد الزامن ذريعي بدنامي جي مهم هلائي پئي وڃي، ڪنڀار برادري جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اعلي اختيارين هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي انصاف مهيا ڪن، پريس ڪانفرنس ۾ هنن وڌيڪَ چيو ته اسان ڪولهي برادري سان ڪنهن دشمني ۾ ناهيون، پر کين غلط رستو ڏيکاريو پيو وڃي، اسان چئون ٿا ته ڪولهي برادري سان به انصاف ٿيڻ گهرجي، پر اسان جي زمين تي زبردستي قبضو نه ڪيو وڃي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪولهي برادري جي اڳواڻ چيتن گوئل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪنڀار برادري تي زمين تي قبضي جا الزام هنيا هئا، جن کي ڪنڀار برادري مڪمل طور ڪوڙو ۽ من گهڙت قرار ڏنو آهي، علائقي ۾ ٻنهي برادرين جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب مقامي سماجي حلقن ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي، جڏهن تہ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميه کي معاملي ۾ غيرجانبدار انڪوائري ڪرائي حقائق عوام آڏو آڻڻ گهرجن ته جيئن وهرو ۾ امن ۽ ڀائيچارو بحال رهي.