English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
61 views
|
13th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جو مقابلو ٿيو، جنهن دوران پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار ماضي ۾ رهزني ۽ موٽر سائيڪل ڦرون جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي. مليل ڄاڻ موجب مقابلو ٿاڻو ٺٽو جي حدن اندر 22 آر ڊي ڀريو شيدي موري وٽ ٿيو، جتي پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ محمد پريل ولد محمد جاويد ابڙو طور ٿي، جيڪو اصل لاڙڪاڻو ۽ هن وقت شاهه لطيف ڪالوني مڪلي ۾ رهائش پذير آهي. ابتدائي جاچ مطابق محمد پريل ٺٽو، مڪلي، گهارو ۽ ڌاٻيجي سميت مختلف علائقن ۾ ڌاڙن ۽ موٽر سائيڪل ڦرون جهڙين ڪيترين ئي وارداتن ۾ شامل رهيو آهي. پوليس مقابلي واري هنڌ تان جوابدار وٽان هڪ ريوالور پڻ هٿ ڪيو ويو، جنهن کي مبينا طور تي ڏوهاري وارداتن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار زخمي جوابدار جو مڪمل ڪرمنل رڪارڊ جانچيو پيو وڃي، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي غمشاد ولد پٺاڻ پنھور ۽ شڪور ولد موريو خاصخيلي مقابلي دوران فرار ٿي ويا آھن. فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا جاري آهن. جڏھن ته بزخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو پوليس
0 تبصرے