English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
209 views
|
13th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جو مقابلو ٿيو، جنهن دوران پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار ماضي ۾ رهزني ۽ موٽر سائيڪل ڦرون جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي. مليل ڄاڻ موجب مقابلو ٿاڻو ٺٽو جي حدن اندر 22 آر ڊي ڀريو شيدي موري وٽ ٿيو، جتي پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ محمد پريل ولد محمد جاويد ابڙو طور ٿي، جيڪو اصل لاڙڪاڻو ۽ هن وقت شاهه لطيف ڪالوني مڪلي ۾ رهائش پذير آهي. ابتدائي جاچ مطابق محمد پريل ٺٽو، مڪلي، گهارو ۽ ڌاٻيجي سميت مختلف علائقن ۾ ڌاڙن ۽ موٽر سائيڪل ڦرون جهڙين ڪيترين ئي وارداتن ۾ شامل رهيو آهي. پوليس مقابلي واري هنڌ تان جوابدار وٽان هڪ ريوالور پڻ هٿ ڪيو ويو، جنهن کي مبينا طور تي ڏوهاري وارداتن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار زخمي جوابدار جو مڪمل ڪرمنل رڪارڊ جانچيو پيو وڃي، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي غمشاد ولد پٺاڻ پنھور ۽ شڪور ولد موريو خاصخيلي مقابلي دوران فرار ٿي ويا آھن. فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا جاري آهن. جڏھن ته بزخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو پوليس
0 تبصرے