English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ايڪسپريس وي جو وڏو حصو برساتي وهڪري ۾ لڙهي ويو، منصوبي ۾ وڏي غفلت جو انڪشاف
views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
منصوبو 24 ارب رپين جي بجيٽ کان شروع ٿيو، جيڪو وڌي 44 ارب تائين پهتو، پر ان باوجود روڊ برساتن جو دٻاءُ نه سهي سگهيو: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ـ مسلسل برساتن سبب ملير ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) جو وڏو حصو لڙهي ويو آهي۔ ڄام ڳوٺ ۽ ميمڻ ڳوٺ جي وچ ۾ ڊيم ٽٽڻ بعد پاڻي جي تيز وهڪري سبب روڊ جو حصو لڙهي ويو۔ ماسٽر پلان مطابق انهيءَ هنڌ پل ٺاهڻ جي گنجائش هئي، پر ان جي بدران مٽي وجهي ڀرائي ڪئي وئي، جيڪا برساتن کان پوءِ لڙهي ويئي ۽ روڊ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ذريعن موجب منصوبو شروعاتي طور 24 ارب روپين جي بجيٽ سان شروع ٿيو هو، جيڪو وڌي 44 ارب تائين پهتو، پر ان جي باوجود روڊ برساتن جو دٻاءُ نه سهي سگهيو ۽ دراڙون پئجي ويون، جنهن سبب انتظاميا پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ملير ايڪسپريس وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن واري ڪيريح وي جي ويڪر 36،36 فوٽ ۽ ڊيگهه 40 کان 50 فوٽ آهي۔ بهرحال، شهرين هن اهم شاهراهه جي ٽٽڻ ۽ خطرناڪ ڏار پوڻ تي افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو آهي انتظاميا جي هڪ آفيسر، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ٻڌايو ته ندي جي رخ واري پاسي لڳايل حفاظتي پٿر به وهجي ويا آهن، جڏهن ته ڀرائي ڪيل مٽي مڪمل طور لڙهي ويئي آهي، جنهن جو سنجيدگي سان جائزو ورتو پيو وڃي علائقي واسين احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي جي فوري طور تي مضبوط ۽ پائيدار مرمت ڪئي وڃي ته جيئن وڏن حادثن کان بچي سگهجي ۽ اربين روپين جي هن منصوبي کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کا بہترین کارپوریٹ اور Sustainability رپورٹ ایوارڈز کا حصول
10th Nov 2025
•
تازہ ترین
سینیٹر سیف اللہ ابڑو کا 27 آئینی ترمیم کی حمایت میں ووٹ دینے کے بعد سینیٹ سے مستعفی ہونے کا اعلان
10th Nov 2025
•
تازہ ترین
سینیٹ میں 27ویں آئینی ترمیم کی منظوری
10th Nov 2025
•
سندھ
سيد زین شاہ، نیاز کالانی اور ریاض چانڈیو سمیت دیگر کے خلاف مقدمہ درج
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ٻاهران فائرنگ، هڪ شخص زخمي، پوليس موجب واقعو گهريلو جهيڙي جو نتيجو قرار
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد ۾ جهيڙي دوران نوجوان زخمي
10th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير مان گم ٿيل عورت هٿ اچي وئي، سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
وڏي غفلت جو انڪشاف
ملير ايڪسپريس وي
شاهراهه ڀٽو
shahrah bhutto
0 تبصرے