English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چاچو ڀائٽيو قتل, ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش 4 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا
views
|
09th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سليم ٿڏي تي قتل ٿي ويو، ثناءُ الله کوسو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو
سکر (بيورو) سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل، شاهه فيصل ڪالوني جي رهواسي سليم کوسو، ثناء اللہ کوسو مٿان سبزي منڊي ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا قتل ٿي ويا. مقتولن جا لاش پوسٽ مارٿم لاءِ اسپتال پهچايو ويا جتي مقتولن جا وارث توڙي کوسا برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ پهچي ويا. وارثن موجب ٻئي چاچو ڀائٽيو اسٽينڊ تي واقع دوڪان تي معمول مطابق روزگار لاء وڃي رهيا هئا. سبزي منڊي ويجهو تاڙ ۾ ويٺل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ٻنهي ڄڻن مٿان فائرنگ ڪئي. اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش چئن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيا. مسلسل ڪالز توڙي ميڊيا ۾ خبر هلڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اسپتال پهتو. قتل وقت پوليس به واقعي واري هنڌ دير سان پهتي هئي. پوسٽ مارٽم بعد لاش شاهه فيصل ڪالوني آندو ويو. هڪ ئي وقت ٻه لاش پهچڻ تي گهر توڙي پاڙي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل رهيو. صبح جو معمول مطابق چاچو ڀائٽيو سليم کوسو ۽ ثناء اللہ کوسو بس اسٽينڊ وٽ واقع دوڪان تي وڃي رهيا هئا ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي.فائرنگ ۾ سليم ٿڏي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته ثناء اللہ اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.وارثن جو چوڻ آهي اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي. پوليس موجب معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪري جلد اصل حقيقتون سامهون آڻڻ سان گڏ قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سکر
0 تبصرے