سنڌ سماجي سٿ ۽ زيبسٽ طرفان ڪراچي ۾ سيمينار "ڌرتي ڌڻين جو تعليمي حق" ٿي گذريو اهو سيمينار رڳو هڪ ادبي يا علمي گڏجاڻي نه هئي پر هڪ فڪري تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويئي سيمينار ۾ علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي حلقن جا نمائندا، شاگرد، صحافي ۽ شهرين سميت ڪراچي ٻهراڙين ڪيماڙي،ابرهيم حيدري، کوکرا پار بچل ڳوٺ ،گلشن حديد سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن مان ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جتي تعليم، سنڌي ٻولي ۽ جديد دور جي گهرجن تي ڳالهيون ٿيون. هي تقريب هڪ اهڙو پليٽفارم ثابت ٿي جتي نه رڳو مسئلا اجاگر ٿيا، پر انهن جي حل لاءِ به سنجيده تجويزون سامهون آيون سيمينار کي ٽن هصن ۾ ترتيب ڏنو ويو جنهن جو اسٽيج سيڪريٽري امين جويو هو جڏهن سيمينار جي شروعات وائي سان ڪئي ويئي پهرين حصي ۾ شاگردن تعليمي مسئلن تي ڳالهيو ٻئي حصي ۾ ڪتاب جي مهورت ڪئي ويئي جڏهن ته ٽيئن حصي ۾ استاسن ليکڪن دانشورن تي ٻڌل پينل سان ڳالھ رائي موجود ماڻحن کان سوال ڪرايا ويا پينل جي ڳالهه ٻولهه ۾ پروفيسر زينب عثمان لاشاري،پروفيسر شهربانوڪا ڪا ، سيڊوڪيٽ شازيا نظاماڻي، 50 کان وڌيڪ ڪتابن جي ليکڪ اعجاز قريشي ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي ماهر طارق رحيم سومرو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو سڀني ڳالهائيندڙن اتفاق ڪيو ته سنڌ ۾ تعليمي زوال جو هڪ وڏو سبب مادري ٻوليءَ ۾ تعليم کان محرومي آهي. آئين پاڪستان موجب هر ٻار کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي، پر افسوس جو رياستي ادارا ان تي عمل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيا.ايڊوڪيٽ شازيا نظاماڻي جو چوڻ هو ته مادري ٻولي ٻار جي ذهني واڌ ويجهه ۽ سکيا لاءِ سڀ کان اهم اوزار آهي. شهربانو ۽ زينب لاشاري به سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترويج کي لازمي قرار ڏيندي چيو ته بغير ٻوليءَ جي سڃاڻپ ۽ شعور جوڙڻ ممڪن ناهي سيمينار ۾ هڪ اهم حوالي سان سامونڊي پٽي جي نالي واري سماج سڌارڪ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ليکڪ شاعر ايوب شان خاصخيلي جي ڪتاب "ماهيگير ۽ سوشل موومينٽ" جي به پڌرائي ڪئي وئي جنهن تي عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافي سامي ميمڻ ۽ ڪتاب جي تخيلقڪار ايوب سان گڏجي ڪتاب تي تبصرو ڪندي وضاحت ڪئي ته سنڌي سماج ۾ ماهيگيرن جي جدوجهد ۽ عوامي تحريڪن کي تاريخي تناظر ۾ سمجهڻ بنا تعليم ۽ شعور جي ڳالهه اڌوري آهي. ڪتاب نه رڳو تحقيقي ڪم آهي پر عوامي مسئلن جي حل لاءِ فڪري رهنمائي به ڏئي ٿو.سيمينار جو هڪ اهم حصو نوجوانن جا سوال ۽ تقريرون هيون ان موقعي تي سنچ جي نالي واري دانشور ۽ تعليمي ميدان تي پاڻ مڃرائيندڙ ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي گهٽ اهميت ڏيڻ وارا ماڻهو وساري ڇڏين ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو شاعر به سنڌي ٻوليءَ جو ئي وارث هو. "جيڪو لطيف کي نٿو سڃاڻي، اهو سنڌ کي ڪيئن سمجهي سگهندوشاگردياڻي نفيس فاطمه جعفري ملير جي تعليمي صورتحال بيان ڪندي چيو ته ڪيترائي اسڪول بند آهن، استاد غير حاضر رهن ٿا ۽ مانيٽرنگ جو نظام ناهي. هن واضح ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ کي ادارا نظرانداز ڪري رهيا آهن، جيڪو شاگردن جي پوئتي پوڻ جو اهم سبب آهي.پروفيسر طارق رحيم سومرو ٽيڪنالاجيءَ جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اڄ جي دور ۾ جديد سائنس ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ کان سواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي. پر ساڳئي وقت پنهنجي ٻولي ۽ ثقافتي سڃاڻپ سان جڙيل رهڻ به لازمي آهي. عالمي سطح تي مقابلي لاءِ سنڌي نوجوانن کي جديد اوزارن سان ليس ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ ۾ علمي ڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.سيمينار جي آخر ۾ غلام نبي مگسي، والد بخش ناريجو ۽ خليل لغاري،لطيف راولاڻي، سينيئر صحافين يونس مهر ۽ مهيش ڪمار سميت ٻين ڳالهائيندڙن زور ڀريو ته تعليم جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ سماج جي هر فرد کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. تعليم کان سواءِ نه فرد ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سماج هي سيمينار ان ڳالهه جو ثبوت هو ته سنڌي سماج ۾ تعليم ۽ ٻوليءَ جي سوال تي سنجيده شعور موجود آهي. نوجوان پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، ۽ علمي حلقا به انهن جي رهنمائي ڪري رهيا آهن. سيمينار جو اصل پيغام اهو هو ته تعليم، ٻولي، سڃاڻپ ۽ جديديت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اعليٰ تعليم ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ٿيڻ ئي مستقبل جو رستو آهي.
0 تبصرے