English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوام جي حقن جو تحفظ ضلعي انتظاميا جي اهم ترين ترجيحن ۾ شامل آهي: غلام دستگير شيخ
150 views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ چيو آهي ته صارفين جي حقن جو تحفظ ضلعي انتظاميا جي اهم ترين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ صارفين جي حقن جو محافظ آهي، جنهن جي آگاهي هر شهري تائين پهچائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ان ڏس ۾ تعليمي ادارن سميت عوامي ھنڌن تي آگاهي مهم هلائي وڃي تہ جيئن ماڻهو غير معياري ۽ مهانگي شين بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگهن. اھڙين ڳالهين جو اظهار هُن دربار هال مڪلي ۾ ضلعي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو نبي بخش سولنگي سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، فوڊ، اطلاعات، پولٽري، لائيواسٽاڪ، اينيمل ھسبنڊري، فشريز، لوڪل گورنمينٽ، مارڪيٽ ڪميٽي، سوشل ويلفيئر، بيورو آف اسٽيٽڪس ۽ سپلائر، انڊسٽريز، چيمبر آف ڪامرس، فوڊ سيفٽي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن ۽ واپاري اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ لاڳيپل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوامي سهولتن لاءِ دڪانن، ريڙهن ۽ پاٿارن تي ريٽ لسٽ نمايان ھنڌن تي لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي جڏھن تہ ناجائز نفعي خورن، ناقص خدمتن جي فراھمي ۽ غير معياري شيون وڪرو ڪندڙن سميت ذخيرو اندوزن ۽ ملاوٽ مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن لائيو اسٽاڪ ۽ لوڪل گورنمينٽ عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته گوشت جي واپارين کي پابند بڻايو وڃي ته هو جانورن کي صرف ڊاڪٽرن جي تصديق کان پوءِ ذبح خانن ۾ ذبح ڪن تہ جيئن شهرين کي معياري ۽ صحتمند گوشت مھيا ٿي سگهي. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ تحت ڪارروايون شروع ڪن تہ جيئن عوام کي معیاري شيون ۽ بھتر خدمتون فراھم ٿي سگهن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کان واقف ٿين ۽ غير معياري شين ۽ خدمتن جي خاتمي لاءِ ضلعي ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ تحت ڪنزيومر ڪائونسل ۽ ڪنزيومر ڪورٽ سان رابطو ڪن- هن وڌيڪ چيو ته خوراڪ ۽ ٻين شين جي قيمتن تي نظرثاني کان پوءِ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي آندي وئي آهي. دڪاندار ريٽ لسٽ موجب شيون وڪرو ڪن، ڇو ته عوام جو مفاد پهريون آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪو به واپاري غير معياري شيون وڪرو ڪندو يا گران فروشي ڪندو، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
غلام دستگير شيخ
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون
0 تبصرے