English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پوليس جي سخت حفاظتي اپائن هيٺ پوليو مهم جو شروعات
293 views
|
01st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق اسپتالن، يوسيز ۽ حساس هنڌن جو دورو ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پوليو مهم جي شروعات تي اسپتالن، يوسيز ۽ حساس هنڌن جو دورو ڪيو ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو۔ايس ايس پي ملير فيلڊ ۾ موجود پوليس آفيسرن، ليڊيز اهلڪارن ۽ انٽيليجنس عملي کي سيڪيورٽي حوالي سان بريفنگ ڏني۔ ان موقعي تي هن نه صرف انتظامن جو معائنو ڪيو پر پاڻ ٻارن کي پوليو جا قطرا به پياريا۔ترجمان پوليس موجب ضلعي ملير ۾ مهم دوران 750 کان وڌيڪ پوليس آفيسر، ليڊيز پوليس ۽ انٽيليجنس عملي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي گڏيل رابطي هيٺ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن۔پوليس طرفان موبائل ۽ موٽرسائيڪل گشت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اهم هنڌن تي اسٽينڊنگ گارڊ مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم وسيلي نگراني جاري آهي۔ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا قطرا ضرور پيارين ۽ ٽيم سان خوش اخلاقي سان پيش اچن۔ هن چيو ته پوليو خلاف جنگ قومي ذميواري آهي ۽ پوليس هن مهم ۾ سيڪيورٽي سان گڏ عملي ڪردار به ادا ڪري رهي آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن جي ڳوٺ چيهي واسي نوجوان جي بازيابي لاءِ نوشھروفيروز ۾ احتجاج
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
تمر جو عالمي ڏينهن، ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن پاران ابراهيم حيدري جي ٻيٽن تي هزارين تمر جا ٻوٽا پوکيا ويا
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايجوڪيشن سٽي منصوبي بابت اهم اجلاس، قديم ڳوٺن جي تحفظ ۽ مالڪاڻي حقن تي زور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق
SSP Malir
0 تبصرے