English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ اسڪولن ۽ سرڪاري آفيسن جي تالابندي، احٽجاجي مظاهرو
110 views
|
25th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو رويو اختيار ڪري پينشن ۾ ڪٽوتي ڪري زيادتي ڪئي پئي وڃي: اڳواڻ
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) سنڌ جي ملازمن پاران پينشن ۾ ڪٽوتي، ڊي آر اي الائونس نه ملڻ سميت ملازم دشمن قانونن خلاف صحت کاتي، آپڪا، گسٽا، پ ٽ الف، گواز، سسپا گريوا، پيراميڊيڪل، لوئر اسٽاف، ال ابدار، آل ڪئنال اسسٽنس ايسوسيئشن، ايگريڪلچر ايڪسٽينشن، فشريز، لائيو اسٽاڪ اينيمل ھسبينڊري، الشھباز ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ، الشھباز ورڪرز يونين ٺٽو ڊرينج، ايريگيشن ڪلري بگھاڙ ڊويزن ٺٽو سميت مختلف ملازم تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سمورن ملازمن پاران اسپتالن، صحت مرڪزن، اسڪولن، صحت کاتي سميت سمورين آفيسن ۾ تالا بندي ڪري قلم ڇڏ هڙتال شروع ڪندي سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي صحت کاتي ٺٽي جي ملازمن پاران دي ايڇ او ھيلٿ آفيس مڪلي تي آفيس جي تالا بندي ڪري ھڪ احتجاجي مظاھرو عبدالڪريم ڀاند، ضلعي ٺٽي جي صدر حاجي محمد اشرف خشڪ، عبدالحفيظ خشڪ، حبيب الله سولنگي، علي محمد جماري، اسماعيل چانديو، ڊاڪٽر نظير، ذوالفقار ڀاند، اڪرم خشڪ، سيف علي خشڪ، مولابخش جاکرو، عثمان خاصخيلي، ڊاڪٽر بخت شاھ، عبدالرزاق جاکرو، رحيم بروھي، ممتاز ھالو جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪرڻ سميت سول اسپتال مڪلي سان گڏ مختلف اسڪولن ۽ افيسن تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن غلام نبي خشڪ، خميسو خان شورو، شريف تنيو، غلام مصطفي بروھي، خير محمد بروھي، علي حسن بھراڻي، عبدالرحمن ھالو، قربان جوڻيجو، غلام رسول ميمڻ، علي محمد سومرو، محمود ڀنڀرو، انور جاکرو، لياقت عباسي، حاجي ابراھيم سميجو، منصور علي ميربحر، محمد موسي ميربحر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪندي چيو تہ سنڌ جي ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو رويو اختيار ڪري پينشن ۾ ڪٽوتي ڪري DRA الائونس نہ ڏيڻ توڙي ملازمن دشمن قانون آڻي ملازمن کي وڌيڪ سخت پريشان ڪيو پيو وڃي، جنھن عمل خلاف اسان سراپا احتجاج بڻيل اھيون. هنن چيو ته حڪومت هر روز نوان ملازم دشمن ڪارا قانون آڻي ملازمن کي معاشي نقصان ڏيئي رهي اھي، جيڪو عمل ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو، ھنن چيو تہ پينشن ملازمن لاء ھڪ چادر آھي، جنھن سان رٽائرڊ ملازم پنھنجو آخري وقت عزت سان گذاريندو آھي، جنھن کي ختم ڪرڻ ملازمن سان وڏي ناانصافي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن پينشن ۾ ڪٽوتي ختم ڪري DRA الائونس ڏيئي ملازم دشمن قانون ختم ڪري ملازمن ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن پرامن احتجاج جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بحريا ٽائون انتظاميه جي ڪارروائي، فليٽن آڏو گذرندڙ ٻڪرين کي پڪڙي ورتو
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جون چونڊون، سيد سجاد علي شاھ صدر چونڊجي ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ جي ملازمن پاران
0 تبصرے