درياھ واري تحريڪ ۾ حڪمرانن کي شڪست ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار شاگردن جو آھي: سيد زين شاهه

سياف جي شهيدن عرض محمد لهر ۽ شهيد ظهير عباس ميمڻ جي پهرين ورسي ملهائي وئي، سچل ڳوٺ ۾ تقريب

درياھ واري تحريڪ ۾ حڪمرانن کي شڪست ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار شاگردن جو آھي: سيد زين شاهه

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان سياف جي شهيد ساٿين شهيد عرض محمد لھر، شھيد ظهير عباس ميمڻ جي پهرين ورسي تقريب سچل ڳوٺ لائبريري ڪراچي ۾ ٿي گذري، پروگرام جي صدارت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر سيد زين شاھ ڪئي، تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نائب صدر امير آزاد پنھور، جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، سياف مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو، ڪراچي ڊويزن صدر آڪاش ديدڙ ، ايس يو پي ڪراچي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، شهيدن جي وارثن، قومي ڪارڪنن ڪراچي بار جي وڪيل ساٿين ڀرپور شرڪت ڪئي،ورسي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر سيد زين شاھ ۽ چيو تہ اسان به وينداسين ھليا اسان جي ڇڏيل مشن کي نوجوان وڌائيندا، اھو قدرت جو نظام آھي ته ماڻھو پنھنجي وقت تي راھ رباني ٿيندا آھن، سو شھيد عرض محمد لھر ۽ شھيد ظھير عباس ميمڻ ڪراچي ۾ ترقي پسند سياست ۾ متحرڪ رھيا، عرض محمد اختلاف راءِ رکندو ھو، ايئن ظھير عباس تنظيمي معاملن ۾ اڳڀرو ھو، کين سلام پيش ڪيون ٿا. ھنن چيو ته شاگرد سنڌ جو آئيندو آھن، پوءِ اھو وڪيل ھجن، انجنيئر ھجن، درياھ واري تحريڪ ۾ حڪمرانن جي شڪست ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار شاگردن جو آھي، سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ غير يقيني واري صورتحال آھي، حڪمرانن ملڪ کي لٽي کائي ڇڏيو آھي، سنڌ جي زمينن جي والار وارو معاملو لٽڪيل تلوار وانگي آھي جيڪو خطرو برقرار آھي، سنڌوءَ درياھ مٿان ڪئنال ڪڍڻ وارو خطرو اڃا ٽريو ڪونھي، اڃا خطرو برقرار آھي، حڪومت ھڪ پاسي منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي پر وري انھي لاءِ صوبائي حڪومتون پيسا گھري رھيون آھ ھن چيو ته سياست تي پابندي لڳل آھي، کوڙ سياسي اڳواڻ جيلن ۾ آھن، ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن کي نااھل ڪيو ويو آھي، پروگرام ڪرڻ تي پابندي لاڳو آھي، پروگرام وارن جاين ھوٽلن تي ڪانفرنسون ۽ پروگرام ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي ٿي،ھن چيو ته حڪمرانن کي ڪئنالن واري اشو ۾ شڪست نصيب ٿي، سنڌ جي ماڻھن ھڪ تاثر کي ختم ڪري ڇڏيو ته سنڌ پيپلن جي کيسي ۾ آھي، انھي تاثر کي ڪئنالن واري اشو ۾ ختم ڪري ڇڏيو، اسان تي گذريل 77 سالن کان اداڪار، ڊراميباز سياستدان جي روپ ۾ سويلين جي روپ ۾ اسان تي مڙھيو ويو آھي، ھن چيو ته سنڌ پيپلزپارٽي جو فتح ڪيل علائقو ڪونھي، سنڌ تي حڪمراني ووٽ ذريعي ملندي آھي پر پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪري اقتدار حاصل ڪندي رھي آھي، ھن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وي سي به پيسن تي مقرر ڪيا ويندا آھن، ماستر جي مقرري به پيسن تي ڪئي ويندي آھي، ھن چيو ته حڪمران چون ٿا ته چائنا سان اسان جا بھتر لاڳاپا آھن، ڪوبه بھتر لاڳاپا ناھن، صرف چائنا جي مفاد لاءِ ڪم ڪيو ٿا انھي ڪري لاڳاپا آھن، جڏھن مفاد ختم ٿيندا ته ھي لاڳاپا ختم ٿي ويندا، ڪو به برادر ملڪ ڪونھي، ھن چيو ته ملڪ جا بارڊر بند آھن، لاھور جو بارڊر کليل آھي پر کوکڙاپار بارڊر بند آھي ھن چيو ته مورو واقعو ڪئنالن واري اشو ۾ حڪمرانن کي آيل شڪست جو پلاند آھي، حڪمرانن پوليس ۽ پنھنجي غنڊن ذريعي پرامن ڌرڻي تي حملو ڪرائي ٻن نوجوانن کي قتل ڪرايو، ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪرائي ڪيترن ئي نوجوانن کي جيلن ۾ واڙيو ويو آھي انھي خلاف اسان 31 آگسٽ تي مورو ۾ مارچ ڪنداسين، منھنجي ڪوشش آھي ته درياھ بچايو تحريڪ به انھي ۾ شامل ٿئي، انھي جي پليٽ فارم تان مارچ ڪيون. سيد زين شاھ چيو ته حڪمران طاقت جي زور تي سنڌ تي قابض آھن، عوام سياسي جدوجھد ذريعي ھنن جي ھٿرادو منصوبن کي شڪست ڏئي، ھينئر نوان صوبا ٺاھڻ جو راڳ آلاپيو وڃي پيو، اسان جي وڏن چيو آھي ته سنڌ وطن آھي، صوبا تقسيم ٿي سگھن ٿا وطن تقسيم نٿو ٿي سگھي.