English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ جيڪا هزارين ايڪڙ زمين ڏني آ اها واپس ڪئي وڃي: اياز لطيف پليجو
210 views
|
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو 30 ۽31 آگسٽ تي آمريڪا ۾ ٿيندڙ سانا ڪنوينشن ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو 30 ۽31 آگسٽ تي آمريڪا ۾ ٿيندڙ سانا ڪنوينشن ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي م هزارين ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي آ اها واپس ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهن کي پنھنجو نوڪر سمجهي ٿي ھنن کي سنڌ سان ڪا بہ محبت ۽ دلچسپي ناهي، ھي سوداگر آھن. پيپلزپارٽي کي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء عوام دوستي جا خوبصورت نعرا هڻي عوام کي بيوقوف بڻائي اقتدار حاصل کانپوءِ عوام کي بي يارومددگار ڇڏي، پنج سال غم ٿي ويندا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي 18 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ مان کربين روپيا ڪرپشن ذريعي لٽي دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا لٽي، ڦري سنڌ جي عوام کي پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن، وسيلن تي اختيار هجي، نوڪرين ۾ پورو حق ملي، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتون ملن. افسوس آهي جو اسان وٽ بنيادي حق صرف امير طبقي جا مڃيا وڃن ٿا. غربت ۽ بدحالي پورھيت عوام جو مقدر بنايو ويو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ قدرتي تفريحي ماڳ حڪومت جي لاتعلقي ۽ ڪرپشن جو شڪار آھن. قدرتي ماڳن تي سھولتن ۽ خوبصورتي لاءِ اربين روپيا ھڙپ ڪرڻ باوجود ڪا سھولتون موجود ناھي. روڊ ناھن. جنھنڪري سنڌ جي بيمثال تفريحي ماڳ کي دنيا ڏسي نہ سگھي آھي ۽ سنڌ جا ماڻھو وڃي نٿا سگھن. سنڌ ۾ سياحت کاتو نالي ماتر آھي. ڪرپشن لاء تہ فعال آھي پر عملي طور ڪم لاءِ غير فعال آھي. ڪينجھر، ڪوھستان، ڪارونجھر، گورک، رني ڪوٽ سميت ڪيترائي اھڙا مقام آھن جتي تفريحي سھولتون فراھم ڪرڻ سان لکين سياح سنڌ ۾ اچي سگھن تا، جنھن سان مقامي ماڻھن کي روزگار ملندو ۽ دنيا سنڌ جي قدرتي حسن کي ڏسي سگھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت تفريحي ماڳن کي فعال ڪري، سياحن جي آمد لاءِ سھولتون فراھم ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
سنڌ حڪومت هر
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے