English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ چوپائي مال ۾ پراسرار بيماري پکڙجڻ لڳي، وٿاڻ خالي، مالوند سخت پريشان
views
|
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
موئيدان، ڪنڊ جهنگ، واڻ ڪنڊ ۽ کار ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ پراسرار بيماري پکڙجڻ سبب ڪيترائي وٿاڻ خالي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ۽ ڀرپاسي جي ڪوهستاني علائقن موئيدان، ڪنڊ جهنگ، واڻ ڪنڊ ۽ کار ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ پراسرار بيماري پکڙجڻ ڪري ڳوٺاڻن جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سبب علائقي جا مالوند سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔ بيماري خاص طور تي ٻڪرين ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن ڪري روزانو ڪيترو ئي مال مري رهيو آهي ۔ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بيماري ۾ مبتلا ٿيندڙ ٻڪريون ۽ ٻيو چوپائي مال پهريان کائڻ پيئڻ کان لاچار ٿي وڃن ٿا، پوءِ سندن جسم ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو ۽ ڪجهه ڏينهن اندر ئي مرڻ لڳن ٿا، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿي رهيو آهي۔ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن گذارو مڪمل طور تي چوپائي مال تي آهي، پر هاڻي مويشي مرڻ سبب معاشي بحران جو شڪار ٿي رهيا آهن۔علائقي واسي شڪايت ڪندا ٻڌايو ته گڏاپ ۾ ڪنهن به قسم جي وٽنري اسپتال موجود ناهي، نه ئي جانورن جي ڊاڪٽرن جي سهولت آهي، جنهن سبب هو بيماري جي وقت علاج کان محروم آهن۔ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتن کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪوبه قدم نه کنيو ويو، جنهن ڪري حالتون ڳڻتي جوڳيون ٿي رهيون آهن مالوند ماڻهن چيو ته بيماري وڌڻ سبب نه صرف سندن روزگار خطري ۾ آهي، پر ڪيترن ئي گهرن جي روزي جو ذريعو به ختم ٿي رهيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ فوري طور تي حرڪت ۾ اچي، علائقي ۾ جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي، بيماري جي تشخيص ۽ علاج لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ وڏي پئماني تي چوپائي مال جي مرڻ سان ڳوٺاڻن لاءِ سخت معاشي بحران پيدا ٿي ويندوڳوٺاڻن پڻ ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا کان اپيل ڪئي آهي ته گڏاپ ۽ ڀرپاسي جي ڪوهستاني علائقن ۾ هنگامي بنيادن تي وٽنري اسپتالون قائم ڪيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ به اهڙين خطرناڪ بيمارين کان مالوند ۽ سندن روزگار کي بچائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسٽيل ملز ملازمن جا وکري ويل خواب ۽ زوال جو شڪار اجڙي ويل گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رھواسي ..!!
23rd Oct 2025
•
سندھ
سلمان اکرم راجہ سے رانا محمد اعظم کی ملاقات،سیاسی و تنظیمی امور پر تبادلہ خیال
23rd Oct 2025
•
دنیا
صدر ڈونلڈ ٹرمپ نے خبردار کیا ہے کہ اگر اسرائیل نے مقبوضہ مغربی کنارے کو ضم کرنے کی کوشش کی تو وہ امریکا کی حمایت سے ہاتھ دھو بیٹھے گا۔
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ ۾ چوپائي مال
0 تبصرے