وڏي زوير جو خاص معاون راجوير سنگھ سوڍو، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، امان الله ٽالپور ۽ ٻيا تڏي تي پهتا
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) فنڪشنل ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان سيد غلام رسول شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو بدستور جاري آهي، ان موقعي تي اسپيشل اسسٽنٽ سي ايم سنڌ راجوير سنگھ سوڍو، صوبائي وزير سياحت ۽ ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، سماجي اڳواڻ مير امان الله ٽالپور، مسلم ليگ ن ضلع عمرڪوٽ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ سيد صفدر علي شاهه، صوبائي وزير دوست محمد راهمون، سياسي ۽ سماجي شخصيت موهن لال موتي ۽ سينيٽر پونجو مل ڀيل سميت ٻين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کاروڙو سيد پهچي مرحوم جي وارثن سان ملاقات ڪئي، اڳواڻن مرحوم جي صاحبزادي سڪندر علي شاهه، ڀائيٽن صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاهه سان تعزيت ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيد غلام رسول شاهه اصول پسندي، ايمانداري ۽ عوامي خدمت جي علامت هئا، جن جون سياسي ۽ سماجي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، مرحوم جي لاڏاڻي سبب عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن تہ تعزيت لاءِ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي.
0 تبصرے