سائيبر ڪرائيم بل 3 مئي 2024 ڪيترو فائيديمند؟

ايڊووڪيٽ اخلاق بخاري

سائيبر ڪرائيم بل 3 مئي 2024 ڪيترو فائيديمند؟

سائيبر ڪرائيم 3 مئي 2024 تي نئي قانون جي منظوري ڏني وئي جنهن کي عام ۽ خاص پاڪستان جا شهري (PECA act) طور سڃاڻن ٿا هن قانون جي سموري قوم مخالف ڪئي ڇاڪاڻ ته هن قانون ۾ اسان کان فريڊم آف ايڪسپريشن جو حق کسڻ چاهين پيا. جنهن ڪري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت احتجاج پڻ ڪيا ويا خاص ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻا احتجاج ڪيا ويا پر اعلي ايوان ۾ ويٺل ڌرين کي ڪنهن به قسم جو ڪو فرق نه پئجي سگهيو اڃا به مختلف شهرن ۾ مظاهرين خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون. PECA act فقط 2024 ۾ ئي نه بلڪي ان جو بنياد 2016 ۾ رکيو ويو هيو. ان ۾ فقط ترميم 2024 ۾ ڪري هڪ آزاد ادارو پڻ قائم ڪيو ويو جنهن جو نالو(National Cyber Crime Investigation Agency) رکيو ويو، جڏهن ته ان کان پھريان سائيبر جي ڪيسز کي FIA پڻ ڏسندي هئي. هاڻي NCCIA جو بنياد رکيو ويو آهي، جيڪو خاص ڪري آن لائين فراڊ، هراسامينٽ، ڊجيٽل بليڪ ميلنگ، سڃاڻپ جي چوري، جعلي ويبساٽس، سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل جرائم، انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سائيبر سرگرمين خلاف ڪم ڪندو. هن اداري کي پاڪستان جي سڀني علائقن ۾ سائيبر ڪرائيم جا ڪيس تحقيق ڪرڻ ۽ قانوني ڪارروايون ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڏنو ويو آهي. جيئن پاڪستان جون مختلف ايجنسيز انٽيريئر وفاقي منسٽري جي انڊر اچن پيو ائين ئي نيشنل سائيبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي پڻ انٽيريئر منسٽري جي انڊر اچي پئي. اهڙي طرح هڪ سال ۾ گوجرانوالا پنجاب ۾ موبائيل فون جون IMEI تبديل ڪندڙ هڪ گروھ خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته ملتان ۾ 20 ارب رپين جو آنلائين فراڊ ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان علاوه فيصل آباد جي هڪ نجي فيڪٽري ۾ ڪارروائي ڪري 149 ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جيڪي سائيبر فراڊ ڪندڙ ۾ شامل هئا. اهڙي طرح سنڌ جي مختلف شهرن ۾ PECA act تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪالھ واري مخدوم جنيد وارو ڪيس پڻ شامل آهي. هن وقت NCCIA جو ڊي جي اڳوڻو ايف آئي اي ڊائريڪٽر سيد وقار الدين صاحب جن آهن. ايف آئي اي واضح ڪيو آهي ته اهڙي قسم جي ڪيسن لاءِ نيشنل سائيبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي سان رجوع ڪيو وڃي جڏهن ته NCCIA پاران پڻ رابطي لاءِ فون نمبر 0519106691 هن نمبر سميت ايميل helpdesk@nr3c.gov.pk ۽ ويبساٽس پورٽل پڻ ڏنو ويو آهي جنهن تي آنلائين شڪايت ڪري سگهجي ٿي. اهڙي طرح ٻڌايو ويو آهي ته شڪايت داخل ڪرڻ لاءِ ثبوت هجڻ لازمي ڪرار ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ اسڪرين شارٽ وغيره شامل آهن. هن اداري جو مقصد صرف عوام کي سائيبر سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۽ آنلائين عمل کي فروغ ڏيڻ سميت نيٽ ورڪ کي محفوظ رکڻ آهي. تجزيا نگارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته PECA act قانون تحت شخصي آزاديءَ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. خاص ڪري سوشل ميڊيا ۽ صحافتي آواز کي دٻائڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. تجزيا نگارن جو پڻ اهو به چوڻ آهي ته PECA act کي ان ڪري به فعال ڪيو ويو آهي ته سائيبر ڪرائيم جي آڙ وٺي سچ ڳالهائڻ وارن ماڻهن کي پڻ ٽارگيٽ ڪري خاموش ڪرايو ويندو.