English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو پاران ووٽ جي اھميت ۽ فائدي بابت سيمينار منعقد
108 views
|
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شاگردياڻين پاران ووٽ جي استعمال ۽ طريقہ ڪار بابت ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو پاران ووٽ جي اھميت ۽ افاديت بابت آگاھي سيمينار منعقد ڪيو ويو- ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو پاران گورنمينٽ گرلز ھاءِ اسڪول گهارو ۾ ووٽ جي اھميت ۽ افاديت بابت سيمنار منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر ٺٽو محمد سجاد خٽڪ مھمان خصوصي طور شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ريجنل اليڪشن ڪمشنر چيو تہ هر عورت جو ووٽ نه رڳو سندس آئيني حق پر هڪ مضبوط جمهوريت لاءِ تمام ضروري پڻ آهي. ھُن چيو تہ عورتون نہ فقط پاڻ ووٽ ڏيڻ لاءِ اڳتي اچن پر ٻين کي بہ ووٽنگ جي اهميت ۽ افاديت بابت آگاهي ڏين ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ عورتن جي شرڪت ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي. ھن چيو تہ عام ووٽرن کي ووٽ جي اهميت ۽ افاديت بابت آگاهي ڏيڻ هر شهري جي ذميواري آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سيده حميرا بنت معاذ چيو تہ سيمينار جو مقصد عورتن کي چونڊ عمل جي اهميت ۽ جمهوريت ۾ انهن جي فعال شرڪت کان آگاهه ڪرڻ آھي. ھُن چيو تہ اليڪشن ڪميشن پاران نادرا جي سھڪار سان عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ پروگرام پن شروع ڪيو ويو آھي تہ جيئن وڌ ۾ وڌ عورتن جا ووٽ رجسٽرڊ ٿي سگهن. سيده حميرا بنت معاذ چيو تہ جيستائين صحيح ۽ حقيقي نمائندہ نہ چونڊبا تيستائين مُلڪ ترقي نہ ڪندو. ھُن چيو تہ گهر ويٺي ايس ايم ايس ذريعي ووٽ داخل ڪرائي سگهجي ٿو. سيمينار کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي چيو تہ عوام خاص طور تي عورتن ۾ ووٽ جي اھميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اشد ضرورت آھي ته جيئن کين ووٽر طور رجسٽرڊ ڪرائي چونڊ عمل جهڙي قومي فرض ۾ شامل ڪري سگهجي. ھُن چيو تہ ٻارڙا تعليم ضرور حاصل ڪن تہ جيئن کين صحيح اُميدوار جي سُڃاڻپ ٿي سگهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا عبدالستار سولنگي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي ۽ شاگردياڻين پاران ووٽ رجسٽريشن، ووٽنگ جي طريقيڪار ۽ شهري حقن توڙي ووٽ جي اھميت ۽ افاديت بابت تفصيلي روشني پڻ وڌي وئي، جڏھن تہ شاگردياڻين پاران ووٽ جي استعمال ۽ طريقہ ڪار بابت ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا. آخر ۾ بھترين تقرير ۽ ٽيبلوز پيش ڪندڙ شاگردياڻين ۾ ڪيش انعام پڻ ورھايا ويا. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو، ھيڊ مسٽريس گرلز ھاءِ اسڪول گهارو نسرين پليجو، سينئر اسسٽنٽ نعمان احمد عيساڻي ۽ اُستادياڻين ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو پاران
ٺٽو
0 تبصرے