English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي سونهن گيتن جو عوامي شاعر استاد بخاري
views
|
08th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پروفيسر ابرهيم لاشاري
پنهنجي سونهن ڀري سر زمين علم ۽ ادبي شخصيتن سان ٽمٽار لڳي پئي آهي هن خطي هر دور ۾ اهڙن ڏاهن انسان کي جنم ڏنو آهي جن جو فن زنده هوندي به ڳايو ويو مڱر اهڙين شخصيتن جو علم ، ادب ، شاعري وارو فن لاڏاڻي کان به پوءِ به موجود رهي ٿو سچ پچ انهي شخصيت جا گڻ هر دور ۾ ڳائجڻ لڳن ٿا اهڙي شخصيت مان سنڌي زبان جو سونهن ڀريو عوامي شاعر استاد بخاري جو نالو سڄي سنڌ۾ نروار نظر اچي ٿو جنهنجو ڇٺي جو نالو پنهل شاهه رکيو هو جنهن کي سڀئي گهر وارا پيار منجهان ( عرسو ) جي نالي سان سڏيندا هئا مگر جڏهن استاد بخاري نصابي تعليم جي وهي کي رسيو ته سندس والد صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي سندس والد صاحب خوشي منجهان پتاشا ورهائي (احمد شاهه ) نالو لکرايائينس .ادبي دنيا شعر جي قدردانن ۽ فنڪارن وٽ اڄ ڏينهن تائين (استاد بخاري ) جي نالي سان مشهور آهي سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان 16جنوري 1930 ع خميس ڏينهن هن جهان ۾ اک کولي سندس ننڍ پڻ ۾ عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن ،امڙجي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري 1944ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال 1946ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو مگر اها نوڪري سندس طبعيت کي ڀان نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي .تڪڙو ئي1947 ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي پڙهائڻ لڳو .انهن ئي ڏينهن 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ڌاري انٽر ،بي اي، جا امتحان خانگي طور سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين . ۽ وري استاد بخاري تعليم جي ميدان منجهه هڪ وک اڳتي وڌائيندي سنڌ يونيورسٽي مان( سنڌي ادب ۾ ايم اي) ڪيائين. پاڻ لاڳيتو ٻارهن سال پرائمري استاد ۽ ڇهه سال انگريزي ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏيندي نظر آيو سال 1967ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ ،دادو، ۽ سيوهڻ ڪاليجن منجهه ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين . استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو هو 1950ع ڌاري شاعري واري ڏات سان پير پائي حقيقت ۾ شعر ۽ سنگيت جي جهان ۾ ڏات جلائيندي نظر آيو سندس دل دردن سان ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان سرشار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته
حسينن کي هر روز تحفا ڏيون ٿا ،
جي نغما نه آهن ته سڏڪا ڏيون ٿا ،
اوهان جيڪي دلدار دوکا ڏيو ٿا ،
سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا ،
ٻه ڳوڙها ٿڌي ساهه ۾ يار ويڙهي ،
اٿڻ وقت استاد ڀيٽا ڏيون ٿا .
سندس پهريون شاعري ۾ تخلص احمد شاهه هو پوءِ ( آسي) ان بعد ( دردي ) ۽ (بخاري ) به استعمال ڪيائين ، مگر پوءِ جلدي پاڻ کي( استاد )سڏرايائين .سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي .سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو.استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڌهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنٽ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هيئس ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هوپاڻ گها گهر، يڪتارو، مٽ نهايت بهترين نموني سان وڄائڻ ڄاڻيندو هو ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا الاپ پيو ورجائيندو هو .اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس 1947ع ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ 1950/51 ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي 1950 ع واري زماني کان وٺي عمومن مشاعرن ۾ پئي بهرو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هوته اتي وڃي پهچندو هيس. سندس تعلق بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ بحرو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته
جئين زندگي تيز تڪڙي ٿي گذري ،
ائين تون به تڪڙو لکي وٺ ، لکي وٺ !
پٺيان پاڻهي نقاد فيئر ڪندا پيا .
تون رف جهڙو تهڙو لکي وٺ ،لکي وٺ !
.استاد بخاري صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري هڪ سادو انسان هو سندس شاعري ۾ به سادي ٻولي نروار نموني سان جاءِبجاءِ ملي ٿي پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا ٽماهي رسالي ( مهراڻ ) ۾ پئي ڇپجي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصله افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي،استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيوهو استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي ڌرتي جي سونهن محبت ۽ پيار جو شاعر هو ،پنهنجي شاعري واري زبان ۾ ٻڌائي ٿو ته
تنهنجي ديد هجي ، مون لئه عيد هجي ،
اهڙي منهنجي ڪٿي تقدير مٺا ،
تنهنجي واڳ وري ، منهنجو ڀاڳ وري
، اهڙي ڪير ڪري تدبير مٺا
استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري جا سندس شاعري جا 25 کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتيون جوتيون ،لهر لهر دريا ءِ سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي ،نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو۽ووڪ ،ميلا ملهالا، لهر لهر لالڻ ،وطن ۽ ويساه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي ،هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان ،گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيوڪا في اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهومختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن مان بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيو موت سندس وڌيڪ هن عظيم شاعر کي جئيڻ نه ڇڏيو
آخر ڪار استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو شاعري جو آخري ڀيرو سٽون لکي 9 آڪٽوبر 1992ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق 11 ربيع آخر 1413هه تي ڪراچي ۾ 62 سال 8 مهينا 23 ڏينهن زندگي جا گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي منهن مٽايون هليو ويو وڃي مالڪ حقيقي سان مليو سندس مرتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي استاد بخاري هن زماني جو وڏي مان وڏو عوامي شاعر هو سندس شاعري ڪافي ،هجي يا گيت غزل کي سندس آڏو ڳايو ويو يا ريڊيو ،ٽي ،وي ۽ محفلن ۾ پيش ڪيو ويو استاد بخاري جي وفات کان پوءِ اڃان به وڌيڪ ڳايو وڄايو پيو وڃي اڄ 9 آڪٽوبر 2025ع خميس ڏينهن سنڌ جي هن ناليواري عوامي شاعر جي 33هين ورسي وڏي عقيدت سان ملهائي پئي وڃي .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Oct 2025
•
سندھ
شرجیل انعام میمن کی الیکٹرک اور پنک ٹیکسی سروس منصوبوں پر تیز رفتار پیش رفت، ماحول دوست ٹرانسپورٹ نظام کے لیے کوششیں تیز
08th Oct 2025
•
سندھ
کراچی، سرکاری اشتہارات کی ادائیگیوں میں شفافیت کے لیے سیکریٹری اطلاعات سندھ ندیم الرحمان میمن کی زیر صدارت اہم اجلاس
08th Oct 2025
•
شوبز
اداکارہ آمنہ ملک کا تین حمل ضائع ہونے کا انکشاف
08th Oct 2025
•
شوبز
روڈ حادثے میں زخمی مشہور بھارتی اداکار چل بسا
08th Oct 2025
•
سندھ
شرجیل انعام میمن کی الیکٹرک اور پنک ٹیکسی سروس منصوبوں پر تیز رفتار پیش رفت، ماحول دوست ٹرانسپورٹ نظام کے لیے کوششیں تیز
08th Oct 2025
•
سندھ
کراچی، سرکاری اشتہارات کی ادائیگیوں میں شفافیت کے لیے سیکریٹری اطلاعات سندھ ندیم الرحمان میمن کی زیر صدارت اہم اجلاس
08th Oct 2025
•
شوبز
اداکارہ آمنہ ملک کا تین حمل ضائع ہونے کا انکشاف
08th Oct 2025
•
شوبز
روڈ حادثے میں زخمی مشہور بھارتی اداکار چل بسا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عوامي شاعر استاد بخاري
پروفيسر ابرهيم لاشاري
0 تبصرے