English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
55 views
|
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارروائين دوران گلزار عرف سڌير، عبدالوحيد کوسو ۽ فهيم ڪشميري کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مختلف علائقن ۾ پوليس جون ڪارروايون جاري آهن، جنهن دوران اسٽرٽ ڪرائمز، هائوس رابري، موٽرسائيڪل لفٽنگ ۽ هٿياربندن سان مقابلي ۾ ڪيترائي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ٿاڻو ميمڻ ڳوٺ پوليس اسٽيٽ 2 حيدر شاهه مزار جي ويجهو دورانِ گشت موٽر سائيڪل سوار جوابدارن سان مقابلو ڪيو. ٻنهي طرفن مان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ملزمان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا. پوليس موجب گرفتار ٿيل ملزمان ۾ گلزار عرف صدير ولد امام دين، عبدالوحيد ولد حاجي ڪوسو ۽ فهيم ڪشميري ولد غلام نبي شامل آهن. پوليس سندن قبضي مان ٽن پسٽلن سميت لوڊ ميگزين ۽ زنده رائونڊز برآمد ڪيا. ملزمان جي استعمال هيٺ موٽر سائيڪل 125 نمبر KPL-8424 به هٿ آئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ملزمان جو اڳوڻو ڪيسن وارو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.سُڪڻ پوليس دورانِ گشت مڪي شاهه جي ويجهو ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن طاهر ۽ ماجد کي گرفتار ڪيو. پوليس مطابق گرفتار ٿيل جوابدار هڪ اهڙي ٽولي سان واسطو رکن ٿا جيڪو هٿيارن جي زور تي شهرين کان ڦر لٽ ۽ گهرن ۾ ڦرن جون وارداتون ڪندو رهيو آهي. طاهر اڳ به مختلف وارداتن ۾ گرفتار ٿي جيل هليو ويو هو. پوليس موجب گرفتار ملزمان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ موٽرسائيڪل لفٽنگ، ڦرن ۽ ٻين ڏوهن جون وارداتون ڪيون آهن ۽ شروعاتي تحقيقات ۾ اعتراف ڪيو آهي ته مزاحمت تي شهرين کي زخمي به ڪيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سائٽ سپر هاءِ وي ۽ قيوم آباد ۾ به لٽ مار ۾ ملوث رهيا. پوليس سندن قبضي مان ٻه پسٽل، ايمونِيشن، هڪ ڇيني وئي موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي آهي ساڳئي وقت ابراهيم حيدري پوليس گشت دوران هٿياربندن ڏوهارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ملزم زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو، جنهن جي سڃاڻپ اسامه عرف شيُرو طور ٿي، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿي ويو. زخمي ملزم کان هڪ پسٽل، ايمونِيشن، موبائل فون ۽ نقد رقم برآمد ڪئي وئي. پوليس موجب هٿ آيل اسلح کي فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پوليس جي ترجمان موجب سڀني ڪاررواين ۾ ضابطي تحت قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے