English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ استادن ۽ ماسترياڻين جو ايس ٽي آر پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرو
215 views
|
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عبدالستار پٺاڻ، رفيق سولنگي، معشوق وڳڻ، حيدر مڱڻهار، آفتاب مورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر) ايس ٽي آر پاليسي نامنظور نوشهروفيروز ۾ ميل ۽ فيميل استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي عبدالستار پٺاڻ، رفيق سولنگي، معشوق وڳڻ، حيدر مڱڻهار، آفتاب مورو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي استادن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ آفيسر ملي ڀڳت ايس ٽي آر پاليسي تحت استادن جون مقرريون ۽ بدليون ڪري کين ڊسٽرب ڪيو آهي جن بدلين ۽ مقررين کي اسان نه ٿا مڃون ڇو ته اها پاليسي انتهائي غلط عمل آهي هنن چيو ته اسان ٽي اي اوز سان گڏجي لسٽون تيار ڪري ڊي او جي حوالي ڪيون آهن جن تي عمل ڪرڻ بجاءِ ڊي اي او سرڪار جي حڪم تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون آهن جنهن ۾ استادن کي خاص ڪري فيميل تنگ ڪرڻ لاءِ اهڙن اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي جتي اڳ ئي استادن جي گهڻائي آهي ٿيڻ ته ايئن گهرجي هان تعلقي ۾ بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ استادن کي مقرر ڪيو وڃي هان سو به انهن استادن کي جيڪي ينگ آهن هتي ايئن ٿيو آهي ته عمر رسيده استادن کي پنجاھ ڪلوميٽر پري مقرر ڪيو ويو آهي اهڙي ايس ٽي آر پاليسي تي عمل نه ڪنداسين هنن مطالبو ڪيو ته استاد دشمن پاليسي ختم ڪري استادن ذهنن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ٽي آر پاليسي
نوشهروفيروز ۾ استادن ۽ ماسترياڻي
0 تبصرے