English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ نوجوانن جي قيادت لاءِ مثالي قدم سيو دي لائوز فائونڊيشن پاران ٽريننگ سيشن مڪمل
165 views
|
05th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڇھين يوٿ ليڊرشپ ٽريننگ ڪاميابي سان مڪمل، پاڪستان يوٿ ليڊرشپ انيشيٽو تحت 36 نوجوانن کي تربيت ڏني وئي
هن پروگرام کي وزيراعظم يوٿ پروگرام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، واٽر ايڊ، يو اين ڊي پي، ۽ سول سوسائٽي تنظيمن جي ڀائيواري حاصل آھي،مقرر عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سيو دي لائوز فائونڊيشن (Save the Lives Foundation) پاران پاڪستان يوٿ ليڊرشپ انيشيٽو (PYLI) جي منصوبي تحت عمرڪوٽ ۾ ڇھين يوٿ ليڊرشپ ٽريننگ ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جا 36 نوجوان مرد ۽ عورتون شرڪت ڪئي، PYLI ھڪ ٽي ساله تبديلي آڻيندڙ قومي پروگرام آھي، جيڪو برٽش ڪائونسل پاڪستان جي اڳواڻي ۾ ۽ ايجوڪيشن ابوو آل فائونڊيشن جي ريچ آئوٽ ٽو آل (ROTA) پروگرام جي سهڪار سان عمل هيٺ آھي، هن پروگرام کي وزيراعظم يوٿ پروگرام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، واٽر ايڊ، يو اين ڊي پي، ۽ سول سوسائٽي تنظيمن جي ڀائيواري حاصل آھي، PYLI جو بنيادي مقصد ملڪ جي مختلف علائقن مان 90 هزار نوجوانن کي گلوبل سٽيزن شپ ايجوڪيشن، قيادت ۽ ڪلائميٽ ايڪشن بابت تربيت ڏيڻ آھي، جيئن اھي نوجوان پائيدار ترقي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ اڳڀرا ٿي سگھن، چار ڏينهن تي مشتمل هن تربيت دوران نوجوانن کي قيادت ۽ سماجي خدمت جا اصول، ماحولياتي ذميواري، ڪميونٽي ليڊرشپ ۽ گلوبل سٽيزن شپ جا عملي سبق سيکاريا ويا، تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ، شرڪت ڪندڙ نوجوان پنهنجي علائقن ۾ يوٿ ليڊ ايڪشنز (YLAs) شروع ڪندا، جن ۾ فضلي (ڪچري) جو منظم انتظام، پاڻي جي بچت ۽ تحفظ، قابلِ تجديد توانائي جي واڌاري، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ماحولياتي آگاهي پروگرام شامل آھن، سيو دي لائوز فائونڊيشن جي نمائندن چيو ته اسان جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، انهن ۾ قيادت ۽ ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ آهي، جيئن هو پنهنجي ڪميونٽيز ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن، فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته PYLI ذريعي تربيت حاصل ڪندڙ نوجوان مستقبل ۾ پاڪستان جي ماحولياتي استحڪام ۽ پائيدار ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سارے سندھ میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
مریم نواز نے پنجاب میں پبلک ٹرانسپورٹ مفت کرنے کا اعلان کر دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجن جي لهر، رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ڀاڙن ۾ واڌ سان عوام پريشان
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: چشما ڳوٺ جو پرائمري اسڪول برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل جو اهتمام
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سورهيه بادشاهه جي 83هين يوم شهادت جي حوالي سان تقريب منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Save the Lives Foundation
PYLI
سيو دي لائوز فائونڊيشن
0 تبصرے