English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ وڌندڙ بدامني خلاف وڏي ريلي، ڦر متاثر به شامل، پوليس تي ڏوهارين جي سرپرستي جا الزام
278 views
|
02nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير جدوجهد ڪميٽي ۽ جساف بشير قريشي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سياسي سماجي ڌريون به شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ وڌندڙ بدامني، قتل، چورين، ڦرن ۽ منشيات جي واپار خلاف شهري وڏي انگ ۾ رستن تي نڪري آيا ملير جدوجهد ڪميٽي ۽ جساف بشير قريشي جي سڏ تي ڪيل ريلي ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ ماڻهو رزاق آباد ۾ پورهيت لال محمد ڪلمتي جي گهر کي ڌاڙي ۽ گهر ڀاتين تي تشدد واري واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ريلي م شريڪ ماڻهن مطالبو ڪيو ته ڦورو ڏوهارين فوري طور گرفتار ڪري ڦريل سامان متاثرن کي واپس ڪيو وڃي ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي احتجاجي ريلي مک چوڪ کان ٿيندي جڏهن عوامي پريس ڪلب ملير پهتي ته وڏي ڌرڻي م تبديل ٿي ويئي ان موقعي تي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، فيض سنڌي، متاثر غلام رسول ڪلمتي. اقبال ڪلمتي، شيراز سولنگي، وهاب گبول، صمد ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پوليس عوامي تحفظ بدران منشيات فروشن، غيرقانوني هلندڙ ڳرين گاڏين ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهي آهي، جنهن سبب علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بگڙيل آهي اڳواڻن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ذميوار پوليس آفيسر مقرر ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ۽ منشيات جي واپار ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول آندو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پوليس پنهنجو رويو تبديل نه ڪئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ وڌندڙ بدامني
ملير
0 تبصرے