English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: جھرڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ پنجن ٽينڪن واري اسڪيم مڪمل، علائقي واسي ۾ خوشي جي لهر
47 views
|
02nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ ليڊيز ونگ جي تعلقي صدر ۽ ضلعي ڪائونسلر امينا احسان ڀٽي جي ڪوششن سان واٽر ٽينڪ اسڪيم مڪمل
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)جھرڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ تعلقي ٺٽي جي صدر ۽ ضلعي ڪائونسلر امينا احسان ڀٽي جي ڪوششن سان ضلعي ڪائونسل جي بجيٽ مان پنج واٽر ٽينڪ ٺاھڻ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، جيڪي هاڻي مڪمل ٿي چڪيون آهن۔ھي واٽر ٽينڪ (1) ڏاڏوري، (2) شيخ اسماعيل، (3) علي چانگ ۽ ٻه ٽينڪ جھرڪ شهر ۾ تعمير ڪيا ويا آهن، جتي اڳ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آھي۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ”اسان کي اڳ ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ميلن تائين پري وڃڻو پوندو هو، هاڻي گھر جي ويجهو ٽينڪ مان صاف پاڻي آساني سان ملندو ، جيڪا ھڪ وڏي سھولت آھي، جنهن سان وقت ۽ خرچ ٻنهي جو بچاءُ ٿيندو“ضلعي ڪائونسلر امينا احسان ڀٽي جو ان حوالي ساڻ چوڻ آھي تہ ”مون، جتي به پاڻي جي کوٽ هئي اتي واٽر ٽينڪ ٺهرائي ڏنا آهن ته جيئن علائقي جا ماڻهو آساني سان پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪري سگهن ۽ پريشانين کان بچي سگهن۔ جھرڪ ۽ آس پاس جي ترقي منهنجي ترجيح آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ھن علائقي لاء وڌيڪ اسڪيمون به منظور ڪرائي ڏينديس۔“مقامي ماڻهن امينا احسان ڀٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ”جيڪا سهولت اسان کي ڪيترن سالن کان نه ملي سگهي، اها امينا احسان ڀٽي جي جدوجهد سان هاڻي ملي آهي۔ اسان سندس نھايت ئي ٿورائتا آھيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو: جھرڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي
امينا احسان ڀٽي
0 تبصرے