English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا
views
|
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
صحافين پاران عمرڪوٽ، رتوديرو، نصيرآباد، ڪڙيو گهنور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
عمرڪوٽ/ رتوديرو/ نصيرآباد(رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، صحافين پاران عمرڪوٽ، رتوديرو، نصيرآباد، ڪڙيو گهنور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پريس ڪلب عمرڪوٽ پاران سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن امتیاز مير جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان مظاهري ۾ عمرڪوٽ جي صحافين سان گڏ سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين قاتلن جي عدم گرفتاري تي غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فوري انصاف جو مطالبو ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر غلام محمد ڪنڀر، ممتاز آريسر، اسلم مهر، نظر سميجو، سيف الله منڱريو، ولي خان پٺاڻ، جانب علي دلواڻي، اتم سنگراسي، ڪانجي مل رکیسر، وقاص خان يوسفزئي، مشتاق ڪنڀر، دليپ کتري، امتياز کوسو، سوائي مل رکیسر، سهيل ڪنڀر، زاهد خان، ايس يو پي اڳواڻ گل بجير، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير محبت منگريو، مشتاق علي مھر سميت صحافين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين چيو ته امتیاز مير جي قاتلن جي گرفتاري کانسواءِ انصاف ممڪن ناهي، ھنن سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن، مظاهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا ھئا جن تي لکيل ھو امتیاز مير کي انصاف ڏيو، صحافين تي حملا بند ڪريو ۽ آزادي صحافت تي قدغن قبول ناھي، آخر ۾ متفقه قرارداد منظور ڪئي ويئي، جنھن ۾ حڪومت تي زور ڏنو ويو ته جيڪڏھن قاتلن کي فوري گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.رتيديري ۾ سينئر صحافي ۽ خانگي ٽي وي جي اينڪر پرسن امتياز مير جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء رتوديرو پريس ڪلب جي سڏ تي پر جوش احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ صحافين ٖ سنڌ ترقي پسند پارٽي ٖ جيئي سنڌ قومي محاذ ٖ سوشل ورڪرن ٖ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٖ جيئي سنڌ محاذ ٖ پاڪستان تحريڪ انصاف ٖ جميعت علماء اسلام ٖ قومي عوامي تحريڪ ٖ رازا يونين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ظالمو جواب ڏيو ٖ خون جو حساب ڏيو جا نعرا هنيا مظاهرين شهر جي مک روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سانا نيو يارڪ چيپٽر جي صدر ڪاشف علي جلباڻي ٖ پهلوان جويو ٖ اختر بليدي ٖ عڪاس سمون ٖ طفيل ساريو ٖ مقبول منگي ٖ اعجاز ڪنڀر ٖ همٿ جلباڻي ٖ پرويز ٻپڙ ٖ نعيم اوڍو ٖ ڪمانڊو گلبهار جلباڻي ٖ آصف اوڍو ٖ وفا زمان جويو ٖ صدر ايراني ٖ عذير سومرو ٖ شاهد جروار عرفان احمد خروس ٖ طارق عزيز گهانگهرو ٖ عابد سومرو ٖ اياز لولائي ٖ اڪبر جلباڻي ٖ حبيب سنڌي انعام الله جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي صحافين جو بيگناه قتل عام جاري آهي جنهن تي حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن هنن چيو ته امتياز مير کي حق سچ جو آواز اٿارڻ جي ڏوه ۾ گوليون هڻي بيڏوه شهيد ڪيو ويو هن پنهنجي قلم سان غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچايو سندس جي وڇوڙي سبب صحافتي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جنهن کي ڀرڻ مشڪل آهي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هن وقت تائين پوليس قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو مظاهرين آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ملوث قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي. نصيرآباد ۾ شھيد صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نصيرآباد جرنلسٽ فورم پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، راجا ريحان لاشاري، عبدالمجيد بروهي، سڪندر علي کوسو،حبدار نوناري،سينگار نوناري، آصف ڪاٺيو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، ياسين ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين ۽ ڪارڪنن شاهه لطيف پبلڪ پارڪ کان آرٿر پل تي ڌرڻو هڻيو،جتي صحافين ۽ ڪارڪنن شهيد صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي .ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شهيد صحافي امتياز مير جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شهيد صحافي جي قاتلن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڪڙيوگهنور ۾ صحافي مارڻ بند ڪريو. غنڊه گردي بند ڪريو. دهشتگردي بند ڪريو. شھيد صحافي امتياز مير جي خون جو حساب ڏيو ظالمون جواب ڏيو. جا نعره ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل صحافي امتياز مير جي قاتلن خلاف . ڪڙيوگهنور شھر جا صحافي به روڊن تي اچي ويا. فاضل راهو چوڪ تي سخت احتجاج قاتلن جي گرفتاري جا مطالبا نعري بازي.، ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل بي باڪ قلم ڌڻي. صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءَ ڪڙيوگهنور شھر جي صحافي. ناز مٺو. ڊاڪٽر ڪانجي ڪمار. عبدالرسول سمون جي اڳواڻي ۾ هڪ درجن کان مٿي ٻين صحافين ۽ آل پارٽيز اتحاد سميت سياسي سماجي ڌرين جي ماڻھن شھر مان احتجاجي ريلي ڪڍي. شھر جي فاضل راهو چوڪ وٽ سخت احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ شريڪ صحافين جو چوڻ آھي ته سنڌ صحافين جي لاءَ ڄڻ ڪا قتل گاھ بڻائي وئي آھي، قانون کان مٿانهون ٿيندڙ قتل.حملا نه فقط ملڪ جي امن آئين قوم جو قتل آھن صحافين جي تحفظ لاءَ تازو پاس ڪيل بل تي ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو آھي. هتي ان جي ابتڙ ۾ سنڌ جي صحافين تي قاتلا حملا ڪري. صحافين.وڪيلن استادن مظلوم ماڻھن جا قتل ڪري انهن کي حق گهرڻ سچ چوڻ اظهار جي آزادي کان روڪي جهڪايو پيو وڃي. ڀل توهان ڇا به ڪريو پر اسان سنڌ جي مظلوم محڪوم ماڻھن ڌرتي، قانون، امن جي دفاع لاءَ هر صورت ۾ ڪالھ به ميدان تي هئاسين اڄ به آھيون ۽ رهنداسين.. صحافي امتياز مير سميت ملڪ جي ٻين شھيد ٿي ويل صحافين قلم ڌڻين ڏات ڌڻين جا قاتل هر صورت ۾ گرفتار ڪري صحافين جي وارثن سان سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي. جڏھن ته اڄوڪي هن صحافين جي ڏنل سڏ تي شھر جي مختلف سياسي سماجي. ڌرين جي اڳواڻن گيان چند، ڄيٺو مل. استاد محمد راهيمون، فراز شاه. ظھير. نظاماڻي، ابوبڪر ڪڇي سميت درجنين ماڻھن صحافين جي قاتلن خلاف يڪجهتي طور احتجاج ۾ شريڪ ٿيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Oct 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی کے رہنماﺅں کا سینئر صحافی و کالم نگار دستگیر بھٹی سے اظہار تعزیت
01st Oct 2025
•
سندھ
جماعت اسلامی نے پٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافہ مسترد کر دیا
01st Oct 2025
•
سندھ
کوالالمپور میں پاکستانی رہنماؤں اور بزنس کمیونٹی کے اعزاز میں شاندار عشائیہ
30th Sep 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد ہائیکورٹ، بانی پی ٹی آئی اور بشری بی بی کو ازدواجی تعلقات کے لیے سہولت فراہم کرنے کی درخواست
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بزرگن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سينئر سٽيزن بزرگن جي حقن جي حاصلات لاء تقريب
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهہ تعلقه پريس ڪلب (رجسٽرڊ) جو اجلاس ٿي گذريو
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مريم نواز جي سنڌ مخالف بيانن جي مذمت
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
درياءَ خان مري ڀرسان گهر مان لکين رپيا مبينا چوري، متاثرن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي امتياز مير
0 تبصرے