اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ڪئي وئي، اسپتالن جي او پي ڊيز جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي پينشن رولز ۾تبديلي، ڊي آر اي الائونس ، گروپ انشورنس نه ملڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف کاتن جي ملازمن پاران ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاج جاري رکيو ويو آهي ان کان اڳ اسڪولن جي تالابندي ، اسپتالن جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ۽ آفيسن کي بند رکيو ويو جنهن سبب اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته مختلف ادارن جهڙوڪ روينيو، هيلٿ ، تعليم کاتي ۾ ڪم ڪار لاءِ ايندڙ ماڻهو پڻ پريشان حال بڻيل آهن جڏهن ته پريس ڪلب اڳيان احتجاج تي ويٺل ملازمن جي اڳواڻن پريل ڪاڪيپوٽو ، هدايت الله سولنگي، نديم وسطڙو ، مظهر راڄپر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پينشن اسان جي چادر مثل آهي اسان فيڪٽري ملازم ناهيون جو ان مان ڪٽوتي ڪري ڀت سان لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو به چوڻ نه ٿو ڪري ۽ پنهنجي ملازم دشمني تي قائم آهي جيڪو پارٽي کي به نقصان پيو ڏئي هنن چيو ته ڊي آر اي الائونس سميت ٻين جائز مسئلن کي جلد کان جلد حل نه ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ بلاول هائوس تي 6 آڪٽوبر تي ڌرڻو هڻي ويهي رهبو پوءِ ڌماڌم مست قلندر ٿيندو ان لاءِ وزير اعلي سنڌ اسان جي جائز مطالبن کي حل ڪري.
0 تبصرے