ٺٽو: عدالتي حڪم تي ٻن ڄڻن کي بيگناهه حراست ۾ رکڻ تي ايس ايڇ او گهوڙا ٻاري ۽ ٻين تي ڪيس داخل

عدالتي حڪم تي ايس ايڇ او گهوڙا ٻاري عبدالحميد رودناڻي، اي ايس آءِ فرمان ڀٽو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

ٺٽو: عدالتي حڪم تي ٻن ڄڻن کي بيگناهه حراست ۾ رکڻ تي ايس ايڇ او گهوڙا ٻاري ۽ ٻين تي ڪيس داخل

ٺٽو( شفيق ڀٽي) گهوڙاٻاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالحميد رودناڻي، اي ايس آءِ فرمان ڀٽو، اهلڪار احمد عرف محبوب درس، رزاق عرف غلام شاھاڻي ۽ ٽن نامعلوم پوليس اهلڪارن خلاف عدالت جي حڪم تي صدر ٿاڻي گھوڙاٻاري تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. چار ڏينهن اڳ ايس ايڇ او هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر وٺي عارضي رليف حاصل ڪئي هئي، پر اڄ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو اسلام الحق آرائين ڊي ايس پي ڳاڙهو کي حڪم ڏنو ته ڪورٽ ٽائيم کان اڳ ڪيس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان حڪم تي عمل ڪندي سب انسپيڪٽر ارشاد منگي، ڊي ايس پي جي موجودگي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي ۽ رپورٽ عدالت آڏو پيش ڪئي. ياد رهي ته هي ڪارروائي شبير احمد خشڪ جي درخواست تي عمل ۾ آئي، جنهن الزام مڙهيو هو ته پوليس سندس ڀاءُ نور حسن خشڪ ۽ ڀائيٽي منور خشڪ کي بنا ڪيس جي حراست ۾ رکي سخت اذيتون ڏنيون ۽ 50 هزار رپيا ڦر ڪيا. ان کان اڳ عدالت ايس ايڇ او تي 30 هزار رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪري چڪي آهي. سياسي ۽ سماجي حلقن عدالتي فيصلي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ غيرقانوني ڪارروايون وڌنديون رهنديون.!