سنڌ جي امن امان بدترين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي: مولانا ثناء الله ڀٽو

صحافي امتياز مير جي شھادت سنڌ حڪومت جي 17سالا حڪمراني جو ڪچو چٺو آهي

سنڌ جي امن امان بدترين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي: مولانا ثناء الله ڀٽو

شڪارپور (احسان ابڙو) سنڌ جي امن امان بدترين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي صحافي امتياز مير جي شھادت سنڌ حڪومت جي 17سالا حڪمراني جو اڇو چٺو پڌرو ٿيو آهي ،ڪراچي کان ڪشمور تائين امن امان ڏوھارين کي ليز تي مليل آهي اھڙن خيالن جو اظهار جي يو آئي جي مرڪزي مجلس عمومي جي ميمبر ۽ ضلعي شڪارپور جي نائب امير مولانا ثناء الله ڀٽو گذريل ڏينھن مولانا شاھنواز بکراڻي ،مولانا عبدالغفور بکراڻي سان سندس ڀيڻ جي وفات تي ۽ يو سي ڪرن جي ڪائونسلر حافظ گل محمد بروهي سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو ان موقعي تي ھن پاران وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور جا چونڊيل نمائندا عوام جي خدمت بجاءِ پنھنجا نوازي ۾ پورا آهن ڪرن کان بلال واھ تائين روڊ جي حالت ڏسي افسوس جو اظهار ڪري سگھجي ٿو ،ھن چيوته جي يو آئي سنڌ ھميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري رهندي ھڪ سوال جي جواب ۾چيو ته جي يو آئي ڪالاباغ ڊيم ،گريٽر ٿل ڪئنال سميت سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو آھي ھاڻي جيڪڏھن ڪوب نئين صوبي جي ريٽنگ ھلايو ت انھن کي اسان جي لاشن تي گذرڻو پوندو ،جي يو آئي ڪڏھن به سنڌ جي حقن تي سوديبازي نه ڪندي اسان اسيمبلي جي اندر ھجون يا ٻاھر ھرھنڌ سنڌ ڌرتيءَ جي ماروئڙن جي خدمت ڪنداسين