نوشهروفيروز ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف احتجاج

حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ صحافين کي سرعام قتل ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ

نوشهروفيروز ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جو مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار ،پريس ڪلب جو صدر محمد يونس راڄپر، محبوب ڪلهوڙو ، ايم ظفر تڳر ، جي ايم ميراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي قلم ڌڻين پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سنڌ اندر صحافين کي قتل ڪري حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر جمهوريت ۽ صحافت جي آزادي جا دعويدار حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن هنن چيو ته صحافي جان محمد مهر، اجي لالواڻي ،عزيز ميمڻ، نصرﷲ گڏاڻي کان پوءِ امتياز مير جو قتل پوري سنڌ جي صحافين جي لاءِ اشارو آهي ته جيڪو به قلم ڪار حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو اهو ايئن ئي ماريو ويندو هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي امتياز مير جي قاتلن کي گرفتار ڪري صحافين جي ذهنن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج کي وسيع ڪيو ويندو