محمد پريل ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ، ڊاڪٽر بدر الدين ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي ٽئين مرحلي جي شروعات ۾ مختلف کاتن جي ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڌرڻو هنيو ويو پريس اڳيان لڳل ڌرڻي جي اڳواڻي محمد پريل ڪاڪيپوٽو، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ، ڊاڪٽر بدر الدين ابڙو، عبدالستار پٺاڻ، مظهر راڄپر، آفتاب مورو ۽ ٻين ڪئي ڌرڻي ۾ موجود ملازمن حقن جي حاصلات نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پينشن اسان ملازمن جي چادر آهي جنهن اسان ڪٽوتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين اسان سرڪار جا ملازم آهيون ڪنهن فيڪٽري جا ملازم ناهيون جو اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته ڊي آر اي الائونس ،گروپ انشورنس ملازمن جي حقن ۾ شمار آهي جيڪو ٻين صوبن ۾ ملازم کڻي رهيا آهن سنڌ صوبي جي ملازمن سان ئي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان به سنڌ جو وڏو وزير ڏاڍو ٿي ويو آهي جنهن جي اعلان تي عمل نه ٿو جيڪو پيپلزپارٽي سان سچو ناهي اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته بلاول هائوس ڪراچي جي اڳيان ڌماڌم مست قلندر ٿيندي
0 تبصرے