English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ۽ مظاهرا
64 views
|
26th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مختلف اسڪولن توڙي آفيسن جي چوٿين ڏينهن به تالابندي ڪري ملازمن پاران احتجاج ڪيو ويو
نوشهرو فيروز(ڊ ر)سنڌ حڪومت پاران ريٽائر ملازمن جي پينشن ۾ کاٽ هڻڻ خلاف احتجاج شدت اختيار ڪري ويو آهي. نوشهرو فيروز جي سمورن کاتن ۾ هڙتال رهي. گورنمينٽ مدرسه ڪئمپس ھاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ گسٽا جي ضلعي صدر محمد پريل ڪاڪيپوٽو، محمد رمضان مڱڻيجو، زين العابدين راڄپر، جاويد احمد وسطڙو، جميل احمد خانزادو، الطاف حسين مري، راشد ميمڻ، عبدالغفور ميمڻ، سيد توصيف شاهه، مير حسن انڙ، عبدالقيوم ميمڻ، محمد ادريس ميمڻ، انيس احمد سومرو، عبدالسلام پيرزادو، سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ سعود احمد ٻوهيو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪلهوڙا اسٽيشن ۽ ٻين کاتن جي آفيسن ۽ اسڪولن ۾ چوٿين ڏينهن به هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا لڳايا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سنڌ ھڪ ملڪ ۾ ٻه قانون پئي هلائي جيڪي برداشت نه ڪنداسين. پينشن جي ڌاڙي خلاف اسان جو احتجاج جاري رھندو، جيڪڏھن حڪمرانن اسان جا سمورا جائز مطالبا، جنهن ۾ پينشن، پگهارون پنجاب صوبي جي برابر جيڪو چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ مطالبا آھن تسليم نه ڪيا ته هيءُ احتجاج بلاول ھائوس ڪراچي طرف مارچ ڪندو جتي تاريخي ڌرڻو لڳندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾
سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ
0 تبصرے