English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ٻين شهرن جيان ور شهر ۾ به سنڌ ايمپلائيز جي سڏ تي مظاهرا
77 views
|
23rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي پاليسين سبب سرڪاري ملازمن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ
ٺٽو(ڊ ر)سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سموري سنڌ جيان گھوڙاٻاري تعلقي جي مرڪزي شهر ور ۾ به سرڪاري ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رورل هيلٿ سينٽر ور ۾ ڊاڪٽر ساجد شيخ جي اڳواڻي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرن ۽ ٻين ملازمن اسپتال جي مک دروازي آڏو گڏ ٿي سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ملازم دشمن پاليسيون اختيار ڪيون آهن، جن سان نه رڳو سرڪاري ملازمن جي روزگار ۽ معاشي صورتحال متاثر ٿي رهي آهي، پر کين معاشي قتل ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته وفاق طرفان ملندڙ ڊسپرٽي رڊڪشن الائونس فوري طور ملازمن کي ڏنو وڃي ۽ پينشن رولز ۾ ڪيل ترميم واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو ڊاڪٽر ساجد شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده احتجاج 27 تاريخ تائين جاري رهندو، جيڪڏهن جائز مطالبا تسليم نه ٿيا ته تحريڪ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي ضد ۽ ملازم دشمن فيصلا نه صرف ملازمن لاءِ نقصانڪار آهن پر انهن جو سڌو اثر عوام تي به پئجي رهيو آهي احتجاج سبب رورل هيلٿ سينٽر ور ۾ او پي ڊي مڪمل طور بند رهي، جڏهن ته مليريا سيڪشن، ڊينٽل ڊپارٽمينٽ، ٽي بي وارڊ ۽ ٻيا اهم شعبا به بند رهيا نتيجي ۾ پري پري کان علاج لاءِ آيل سوين مريض شديد پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ بغير علاج جي واپس وڃڻ تي مجبور ٿيا. مريضن جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ تڪرار جو نقصان غريب عوام کي ڀوڳڻو پيو پوي ملازمن اعلان ڪيو ته جيستائين سندن جائز مطالبا تسليم ناهن ڪيا ويا تيستائين احتجاج جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سموري
سنڌ جيان گھوڙاٻاري تعلقي
0 تبصرے