English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين عبدالحميد جيسر جي صدارت ۾ اجلاس
102 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوجوانن کي ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ، سولر پليٽون ورھائڻ بابت ٺهراءُ پاس
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو اجلاس، چيئرمين عبدالحميد جيسر مٿان آفيس ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ، نوجوانن کي ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ، سولر پليٽون ورھائڻ ۽ شھر مان منشيات ۽ ڏوھن جو خاتمي لاءِ يڪراءِ طور ٺھراءُ پاس ڪري ورتو. تفصيل موجب ڏوڪري ٽائون ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين عبدالحميد جيسر جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو ، جنھن ۾ وائيس چيئرمين سيف الله سومرو، ڪائونسلر حبيب الله کوکر، ڪاشف خاصخيلي، مونا فقير، پرھ ڍڪڻ، بشير ٿھيم، سھراب خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر مٿان آفيس ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي، ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪئي وئي، جڏھن تہ ڏوڪري جي نوجوانن کي بجلي، سولر سسٽم سميت ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪرڻ، سولر پليٽون ورھائڻ ۽ شھر مان منشيات ۽ ڏوھن جو خاتمي لاءِ يڪراءِ طور ٺھراءُ پاس ڪري ورتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيئرمين عبدالحميد جيسر چيو ته ڏوڪري ٽائون جي نوجوانن کي منشيات جو عادي بڻائي سندن مستقبل تباھ ڪيو پيو وڃي، عوامي نمائنده ھئڻ جي ڪري اسين منشيات فروشي جي مخالفت ڪندي صوبائي گھرو وزير، آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ٿا ڪريون ته عوام جي آواز کي موٽ ڏيندي ڏوڪري شھر مان منشيات جو آزار ختم ڪيو وڃي. ھن چيو ته نوجوان کي بھتر مستقبل ڏيڻ لاءِ ٽائون ڪميٽي طرفان لائبريري ۽ فري ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيو آهي، ھاڻي بجلي ۽ سولر سسٽم سميت ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ لاءِ سينٽر قائم ڪنداسين جيئن نوجوان نسل پنھنجي مستقبل سنواري سگھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
چيئرمين عبدالحميد جيسر
ڏوڪري ٽائون ڪميٽي
0 تبصرے