English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ۾ ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج، مغوي پورهيت جي بازيابي ۽ بنيادي سهولتن جو مطالبو
34 views
|
21st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ايڪشن ڪميٽي طرفان مغوي پورهيت اڪرم زهراڻي جي بازيابي ۽ علائقي ۾ گيس، بجلي ۽ پاڻي جي بندش خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي گهگهر جي مک چوڪ کان شروع ٿي قومي شاهراهه تائين پهتي جنهن ۾ رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي مولوي عبدالماجد چاچڙ، جان محمد جاني، فياض اتيرو، اعجاز سامتيو، شمشاد زهراڻي ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو نعرا هڻي رهيا هئا: گهگهر کي بنيادي سهولتون ڏيو، پورهيت اڪرم زهراڻي کي آزاد ڪرايو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گهگهر جا ماڻهو سخت مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪيترن ئي ڏينهن کان گيس، بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي بند آهي، جنهن سبب رهواسي عذاب جي زندگي گذاري رهيا آهن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پورهيت اڪرم زهراڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين پوليس کيس آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جيڪا انتظاميه جي نااهلي جو واضع ثبوت آهي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته مغوي پورهيت اڪرم زهراڻي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ۽ گهگهر جي رهواسين کي گيس، بجلي ۽ پاڻي جهڙيون بنيادي سهولتون فوري بحال ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گهگهر ۾ ايڪشن ڪميٽي جو
0 تبصرے