ضلعي جي سمورن شهرن ۾ شروع ٿيل امتحانن ۾ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت
نوشهروفيروز (ڊ ر) پوري سنڌ جيان ضلع نوشہروفیروز جي سڀني شهرن م اسٽيويٽا يعني ٽريڊ ٽيسٽنگ بورڊ پاران DIT جا امتحان شروع ٿي چڪا آهن جنهن م شاگردن جي وڏي انگ امتحان ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن تفصيلي خبر موجب ضلعي نوشهري فيروز جي شهرن نوشهروفيروز، مورو، ٺاروشاھ ،ڪنڊيارو، محراب پور پڊعيدن کان علاوه ٻين جڳهن تي پڻ امتحاني سلسلو جاري آهي.نوشھرو فيروز شھر جي وڏي اداري ماڊرن انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوشهرو فيروز، ايم آئي ٽي ،شان ووڪيشنل سينٽر م امتحان شروع ٿي چڪو آهي.ان سلسلي م ماڊرن انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوشهرو فيروز جي ڊائريڪٽر ضمير حسين وسطڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽريڊ ٽيسٽنگ بورڊ جي چيئرمين مظفر علي ڀٽو صاحب جي اڻٿڪ محنت سان بورڊ ٿوري عرصي م وڏي ترقي ماڻي آهي ان کان علاوه ،ڪنٽرولر عالمگير ميمڻ صاحب، سيڪريٽري بورڊ ٽاقب علي کوکر جي بهترين صلاحتين جي ڪري ٽريڊ ٽيسٽنگ بورڊ بهترين پڻ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ان کان علاوه بورڊ جو هيٺيون عملو جنهن م مطاهر علي ،سجاد احمد ۽ محمد علي سان گڏ ٻئي عملي جي لڳاتار محنت سان بورڊ جي ساک م واڌارو پڻ ٿيو آهي.امتحان جو مٽيريل ٽائيم تي ملڻ تي ادارن جي مالڪن اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.امتحان بھترين طريقي سان هلي رهيا آهن ڪٿان به ڪا شڪايت موصول ناهي ٿي سگهي.
0 تبصرے