English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي خانگي فيڪٽري انتظاميه برطرف 50ملازمن کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
views
|
19th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پي ڪي ميٽ ڪمپني ملازم بحال ڪري سھولتون نه ڏنيون ته جدوجهد کي آخري حد تائين کڻي وينداسين: اڳواڻ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) خانگي فيڪٽري مان برطرف 50ملازمن کي انتظاميا بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو متاثر ملازمن سوين ڳوٺاڻن سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي بک هڙتالي ڪيمپ قائم، صبح کان شام تائين مسلسل نعريبازي جيڪڏهن پي ڪي گوشت ڪمپني ملازم بحال ڪري سھولتون نه ڏنيون ته جدوجهد کي آخري حد تائين کڻي وينداسين جنهن جي زميوار خانگي ڪمپني انتظاميا تي هوندي پورهيت اڳواڻن جون صحافين سان ڳالھيون تفصيل موجب ملير ۾ ڌڻي پرتو موسي ڳوٺ لڳ قائم خانگي پي ڪي گوشت ڪمپني 25سالن کان ڪم ڪندڙ پورهيتن کي نوڪري مان جبري نيڪالي ڏني آھي جنهن خلاف متاثر پورهيتن جي احتجاجن باوجود انتظاميا پورهيتن کي بحال ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن متاثر پورهيتن سياسي سماجي اڳواڻ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان هڪ ڏينهن جي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي جنهن ۾ شريڪ ماڻهن صبح کان شام تائين مسلسل نعريبازي ڪئي جنهن جي اڳواڻي اورنگزيب جوکيو جدوجهد ڪميٽي جا اڳواڻ اقبال ڪلمتي فيض سنڌي وهاب گبول شيراز سولنگي جيئي سنڌ تحريڪ جو آڪاش کٽي فدا جوکيو ساجد گوريلو امتياز جوکيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائندي چيو ته اسان جي ڳوٺن جي وچ ۾ پي ڪي گوشت ڪمپني قائم آھي پر فيڪٽري جو مالڪ طارق محمود بٽ ۽ ٺيڪيدار شاھد بهاري مقامي ماڻهن کان نفرت ڪري ٿو هنن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ 50کان وڌيڪ مقامي پورهيتن کي بنا ڪنهن سبب جي جبري نوڪرين مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي جڏهن ته ٻين مقامي پورهيتن سان ڪمپنين اندر جانورن جھڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته جيڪڏهن فيڪٽري جو مالڪ ۽ ظالم ٺيڪيدار مقامي پورهيتن کي بحال نه ڪيو ۽ قانون موجب پگھارن ۾ واڌ ڪري ٻيون سھولتون نه ڏنيون ته متاثر پورهيتن سان گڏ ملير جا هزارين ڳوٺاڻا مجبور ٿي فيڪٽري جي مين گيٽ اڳيان مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال ڪري فيڪٽري بند ڪري ڇڏيندا هنن سنڌ جي وڏي وزير پورهئي جي صوبائي وزير ليبر کاتي جي آفيسرن آئي جي سنڌ ايس ايس پي ملير ۽ ملير مان چونڊيل ميمبرن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل ڪمپني انتظاميا خلاف انساني حقن جي ڀڇڪڙي سنڌ حڪومت جي قانون خلاف ڪم ڪندڙ فيڪٽري جي مالڪ ۽ ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري بيدخل ڪيل پورهيتن کي بحال ڪرائي ليبر لا تحت سھولتون ڏنيون وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Oct 2025
•
شوبز
مہک نور: کامیڈی کنگ عمر شریف کے ساتھ اسٹیج پر جادو جگانے والی فنکارہ کا نیا سفر
24th Oct 2025
•
پاکستان
سندھ حکومت کا عوام دوست فیصلہ — ڈینگی اور ملیریا ٹیسٹ کی قیمتوں میں نمایاں کمی کا اعلان
24th Oct 2025
•
دنیا
بھارت میں شرمناک واقعہ — آسٹریلوی ویمن کرکٹرز کے کھانے کے دوران چوہا نکل آیا، انتظامات پر سوالات اٹھ گئے
24th Oct 2025
•
دنیا
موبائل میں بیوی کا نام ’موٹی‘ رکھنے پر شوہر کو بھاری قیمت ادا کرنا پڑ گئی!
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلا، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٻه زخمي
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي يونيورسٽي پاران ميمڻ ڳوٺ لاءِ پوائنٽ سروس بند، شاگرد سخت پريشان
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پوليو جي عالمي ڏينهن تي مڪلي ۾ آگاهي ريلي، عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ تي زور
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري جي سماجي اڳواڻ جميل خاصخيلي جو ڀاءُ هفتي کان گم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير جي خانگي فيڪٽري انتظاميه
پي ڪي ميٽ ڪمپني
0 تبصرے