English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ شهيد مير مرتضىٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم
198 views
|
18th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
شهيد مير مرتضىٰ ڀٽو هڪ بهادر ۽ انقلابي اڳواڻ هو، جنهن کي هڪ رٿابندي تحت ناحق قتل ڪيو ويو: اڳواڻ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آرگنائيزيشن مينارٽي ونگ ضلع عمرڪوٽ ۽ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو گروپ جي سڏ تي پريس ڪلب آڏو شهيد قائد انقلاب مير مرتضىٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، احتجاجي ڪيمپ ۾ مينارٽي ونگ سنڌ جو صدر ڪامريڊ ڀاڳو مل ميگهواڙ، ضلع صدر وڪيل دليپ ڪمار ڀيل، جنرل سيڪريٽري هاشم ڀيل، گلزار علي راڄڙ، علي نواز بجير، مبشر بنگلاڻي، امجد ڪوري، موهن لال، انيل ڪمار، ساگر، آنند ڪمار، ايڊووڪيٽ اعجاز علي، ايڊووڪيٽ سنجيت ڪمار، شاگرد سريش ڪمار پڏماڻي، شاگرد سنجي ڪمار، لاکو ڀيل، ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ ميهار علي بنگلاڻي، ڊاڪٽر رميش ڪمار ڀيل، جسقم اڳواڻ ارون ميگهواڙ، نعمت الله زرداري ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد مير مرتضىٰ ڀٽو هڪ بهادر ۽ انقلابي اڳواڻ هو، جنهن کي هڪ رٿابندي تحت ناحق قتل ڪيو ويو، پر 29 سال گذرڻ باوجود قاتلن ۽ اصل ڪردارن کي سزا نه ملي سگهي آهي، رياست قاتلن کي پڪڙڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته قاتل رياست جي ئي ڇٽي ۾ آهن، انهن چيو ته سامراجي قوتن جي ونگار وھندي ڀٽو خاندان کي نشانو بڻايو ويو، جيڪا ملڪ سان سڌي غداري آهي ۽ ان جي سزا اڄ به سموري عوام ڀوڳي رهي آهي، ڪارڪنن نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته مير مرتضىٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ۾ ملوث سڀني ڪردارن کي بنا دير گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، احتجاجي ڪيمپ جي پڄاڻي تي شهيد مير مرتضىٰ ڀٽو جي 71هين جنم ڏهاڙي جو ڪيڪ پڻ ڪٽي علامتي بک هڙتال ختم ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شهيد مير مرتضىٰ ڀٽو
عمرڪوٽ
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آرگنائيزيشن
0 تبصرے