English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ممتا پروگرام بابت گڏجاڻي
162 views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
"ممتا پروگرام" سنڌ سرڪار جي ٻين پروگرامن لاءِ پڻ سهڪاري ثابت ٿي رهيو آهي: شڪيل احمد ابڙو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري.تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري. جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو چيو ته "ممتا پروگرام" هڪ جامع پروگرام آهي جيڪو سنڌ سرڪار جي ٻين پروگرامن لاءِ پڻ سهڪاري ثابت ٿي رهيو آهي. تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير ممتا پروگرام جو دائرو سنڌ جي وڌيڪ ضلعن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي، نه صرف ايترو پر پروگرام ۾ داخل ٿيندڙ مائرن جي مالي سهائتا جي رقم ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي، جيڪو خوش آئند عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ممتا پروگرام جي ڪاميابي لاءِ سمورا اسٽيڪ ھولڊرز اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ھدايت جاري ڪئي تہ ممتا پروگرام جي تشهير کي وڌايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ خواتين پروگرام ۾ داخل ٿي سگهن. گڏجاڻي دوران لاڳاپيل عملدارن پاران ممتا پروگرام جي اثرائتي عملداري بابت مختلف رٿون پڻ پيش ڪيون ويون. گڏجاڻي ۾ سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر زاهد حسين ڏھوٽ پروگرام متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عالمي بينڪ جي تعاون سان صوبي سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ممتا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ضلعي شڪارپور جي 30 صحت مرڪزن تي اها سهولت موجود آهي. ضلعي ۾ 40 هزار عورتون پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پروگرام ۾ رجسٽر ٿيل عورتن کي پاليسي موجب مالي سھائتا ادا ڪئي ويندي آهي ۽ اها رقم بينڪ الفلاح جي ايجنٽس ذريعي ڏني وڃي ٿي. ڪنهن به ڪٽوتي يا پروگرام متعلق شڪايت جي صورت ۾ هيلپ لائن 1054 يا ويب سائيٽ www.sspa.gos.pk تي پڻ شڪايت ڪري سگهجي ٿي. گڏجاڻي ۾ نادرا ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ کي ممتا جي ڪلائنٽس کي ترجيحي بنيادن تي سروس مهيا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نادر علي پنهور، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي حيدر علي شاھ، اين اسٽاپ، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن، آر ايم اين سي ايڇ، فوڪل پرسن اي پي آئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر نادرا، سرسو ڪوآرڊينيٽر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ضلعي جي ڊسٽرڪٽ
ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو
ممتا پروگرام
0 تبصرے