English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جو اجلاس ٿي گذريو، انجنيئر خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان
39 views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري چارج سنڀالي آهي ان ڏينهن هن کاتي پنهنجي ذاتي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي: عبدالرحيم ڀارو
نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جو اجلاس اڄ اسڪارپ ايمپلائيز يونين ڊويزن ۾ زير صدارت صوبائي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو جي ٿيو جنهن ۾ ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز ۾ مقرر انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو ان موقعي تي ڊويزن جي صدر ساگر يوسف منگي انجنيئر اسڪارپ ٽيوب ويل ڊويزن نوشهروفيروز جاويد آفتاب ٽانوري کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ ۽ ڪيل ڪرپشن جي پئسن جو ڊويزن ۾ ڪم ڪرائڻ ۽ پورهيتن سان سٺي اخلاق سان پيش جو الٽيميٽم ڏنو ويو ٻي صورت ۾ چيف انجنيئر آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ياسر اقبال لاڙڪ ۽ ڊويزن جي صدر ساگر يوسف منگي انجنيئر تي الزام هڻندي چيو ته جنهن ڏينهن کان انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري چارج سنڀالي آهي ان ڏينهن هن کاتي پنهنجي ذاتي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي پير پائڻ سان ضلعي جي ٽيوب ويلن جن انگ 600 آهي انهن مان صرف 50 ٽيوب ويل هلن باقي ناڪاره بڻيل آهي هن تازو سرڪار پاران مليل بجيٽ جيڪا 2 ارب روپيا صرف ڪاغذن جي ڪاروائي ڪري هڙپ ڪري ڇڏيا آهن هن چيف انجنيئر جي روڪڻ جي باوجود به آيل ڪانٽيجسي جا 60 لک روپيا پنهنجي ذاتي بنگلي تي خرچ ڪري ڇڏيا آهن ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري وقار لاڙڪ چيو ته انجنيئر بدمست وڏيرو آهي هن 2022 واري برسات ۾ اسڪارپ ڪالوني جي ڊرينج ، اسٽريٽ لائٽ، روڊ رستن جي بجيٽ به ڳڙڪائي ڇڏي آهي هن چيو ته ڪرپشن ۾ مهارت رکندڙ ڪرپٽ ڪامورو جاويد آفتاب ٽانوري چوي ٿو ته منهنجي مٿي سرڪار تائين پهچ آهي جنهن ڪري مون ڪو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي هنن مطالبو ڪيو ته شهيد اقبال لاڙڪ جي قتل جي جاچ جي شروعات انجنيئر جي بنگلي کان ڪئي وڃي جتي کيس شهيد ڪيو ويو هو ۽ عدالتي ڪميشن قائم ڪري شهيد اقبال جي خون سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل علي بخش وگهيو ،نبي بخش جمالي، محمد بخش ڪورائي، دلدار سولنگي، محمد خان مشوري ، عثمان ڏاهري، خادم شيخ، اربيلو اڄڻ ،اڪرم خشڪ، امتياز ملڪاڻي، نصرﷲ عالماڻي ،قمرالدين شاھ سميت ٻين ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
انجنيئر جاويد آفتاب ٽانوري
نوشهروفيروز
آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن
0 تبصرے