انجمن الحسيني طرفان مرڪزي امام بارگاھ الحسيني کان ماتمي جلوس برآمد ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
مورو (جاني جماڻي) مورو ۾ يوم عاشور وڏي پئماني تي ملهايو ويو۔ هر طرف يا حسين ؓ يا حسين ؓ جون صدائون۔ سوين مومنن ماتمي جلوس ڪڍي گرزن، ڇرين ۽ زنجيرن سان عزاداري ڪئي۔ شام غريبان برپا ڪئي وئي۔ انجمن الحسيني مورو طرفان مرڪزي امام بارگاھ الحسيني مورو مان سيد شبير علي شاھ، ڊاڪٽر سيد سجاد حيدر شاھ، سيد بابر علي شاھ، سيد ڪاظم علي شاھ، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو ڪاشف علي ٻرڙو، سيد گلڻ شاھ، محمد صالح ٻرڙو، سيد نذير علي شاھ، شير علي ساٽي، شوڪت علي سرهيو، مقبول احمد سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يا حسين ؓ يا حسين ؓ جي صدائن سان ماتمي جلوس ڪڍيو ويو۔ جيڪو مختلف پڙن کان ٿيندو مين روڊ جي ميجر چوڪ ۽ درگاھ پير بخاري تي پهتو جتي گرزن زنجيرن ڇرين سان مومنن عزاداري ڪئي وئي۔ بعد ۾ ماتمي جلوس مورو شهر جي شاهي بازار حسيني چوڪ تي پهتو جتي شام غريبان برپا ڪئي وئي، جنهن کي ناليواري شعيه عالم علامہ اوشاق احمد عامر خطاب ڪيو۔ بعد ۾ ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاھ الحسيني پهچي اختتام پذیر ٿيو، جتي عالمن دعا گهري هزارين مومنن ۾ لنگر ۽ نياز تقسیم ڪيو ويو۔ ان کان علاوه مورو جي سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن پاران شهر جي مين روڊ تي ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون ويون جتي زخمي ٿيندڙ عزادرن جي ملم پٽي ڪئي وئي۔ مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ تعلقہ اسپتال مورو طرفان ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي۔
0 تبصرے