مورو (جاني جماڻي) مورو ۾ ڇهين محرم جو ماتمي جلوس بر آمد ياحسين ياحسين جون صداؤن بلند، مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني مان غازي عباس عليه السلام جي علم پاڪ ۽ ذوالجناح ساڻ انجمن
حسیني جي اڳواڻن سيد شبير علي شاهه ڊاڪٽر سجاد حيدر شاھ، بابر علي شاھ، جاويد مصطفي ڪانڌڙو سيد گلڻ شاھ، نذير حسين سرھيو، شير علي ساٽي، حاجي غلام سرور سرهيو، محمد صالح ٻرڙو، شوڪت علي سرهيو، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويو، جيڪو پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو درگاھ بخاري پهتو جتي هزارين مومنين مغربين جي نماز ادا ڪئي بعد ۾ جلوس شاهي بازار چوڪ پهتو جٿي مجلس عزا برپا ڪئي وئي جنهن کي علامه اوشاق علي آمر خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام پنهنجي اهل و عيال ساڻ قرباني ڏئي دين اسلام کي بقا بخشي ۽ اسلام کي زنده جاويد بڻائي ڇڏيو اهو ئي سبب آهي جو شھداءِ ڪربلا حضرت امام حُسين ۽ سندس ساٿين جي ڏنل لازوال قربانين تي اڄ هر اک آلي آهي بعد ۾ ماتمي جلوس امام بارگاھ حسيني مورو پهتو ۽ سيد شبير علي شاهه جي طرفان مومنين کي نياز کارايو ويو، جڏهن ته جلوس جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي پوليس علمدار اسڪائوٽ ۽ اعپن گروپ اسڪائوٽ جا جوانن پاران داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ جو بندوبست ڪيو ويو هو
0 تبصرے