سجاول ۾ ناري جو معصوم ٻارڙن سميت سهري ۽ ڏيرن خلاف احتجاج

سجاول ۾ ناري جو معصوم ٻارڙن سميت سهري ۽ ڏيرن خلاف احتجاج

سجاول (رپورٽر) ڏيرن ۽ سھري جي ظلمن جو شڪار نياڻي سورج سجاولي پريس پھچي دانھيو انصاف جي گھر ڪئي سجاول جي رھواسي مرحوم شاھد رند جي زال لڌينہ ڌي محمد بخش سھتو جو چوڻ ھو تہ منھنجو مڙس ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وفات ڪري ويو شاھد رند مان مون کي ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽن جو اولاد آھي جڏھن ته شاھد جي وفات کان پو مون کي چيو ويو شاھد جي ڀاءُ سجاد رند سان نڪاح ڪر منھنجي انڪار تي منھنجي سھري جمعدار محمد علي رند ان جي پٽ سجاد رند شوڪت رند زاھد رند آصف رند عرفان رند مون کي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيو زبردستي سجاد رند سان نڪاح ڪرائڻ لا زور ڀريو جڏھن ته سجاد رند پاران مونسان سان زور زبردستي ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي مون تي سخت تشدد ڪيو ويو منھنجا مٿي جا وار ڪتري منھنجي جسم جي مختلف حصن تي تيزاب هاريو ويو اھڙي قسم جي دانھن ھتان جي وس وارن توڙي ايس ايس پي سجاول کي ڏني آھي پر ڪو به داد فرياد نه ٿي سگھيو آھي لڌينہ پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ سميت سورج سجاولي پريس پھچي وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مونسان ظلم ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ آئون منھنجي ٻارن سميت پنھنجي زندگي جو ڏيو اُجهائي ڇڏينديس