هنڱورجا ويجهو حادثي ۾ ڳوٺاڻو پٽ سميت فوت، سندس ٻيو پٽ سخت زخمي

محمد يعقوب مڱڻيجو ٻن پٽن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو

هنڱورجا ويجهو حادثي ۾ ڳوٺاڻو پٽ سميت فوت، سندس ٻيو پٽ سخت زخمي

هنڱورجا ويجهو قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ فوت ٿي پيا، حادثي ۾ ڳوٺ جمن مڱڻيجو واسي محمد يعقوب مڱڻيجو ۽ سندس9 ورهين جو پٽ خالد ٿڏي تي فوت، سندس ٻيو پٽ سُمير سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي محمد يعقوب مڱڻيجو ٻنهي پٽن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته ساڻن حادثو پيش آيو..