سافڪو پاران جشن آزادي تقريب: آزاديءَ لاءِ وڏي قرباني سنڌ ڏني آهي: صابر قائمخاني

امن ۽ خوشحالي هر شهريءَ جو حق آهي، پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون: سليمان جي ابڙو

سافڪو پاران جشن آزادي تقريب: آزاديءَ لاءِ وڏي قرباني سنڌ ڏني آهي: صابر قائمخاني

حيدرآباد (پ ر) سافڪو گروپ جي ٽنهي ادارن ۽ گراسپ پراجيڪٽ طرفان جشن آزادي ملهايو ويو. سافڪو هيڊ آفيس آڏو ايم پي اي صابر حسين قائمخاني، واپاري ايوان حيدرآباد جي نائب صدر نجم الدين قريشي، مئنيجر ايم سي بي اسلامي بئنڪ حيدرآباد نثار ميمڻ، واپاري ۽ آبادگار اڳواڻ نجم الدين، عبدالڪريم ٽالپر، اقبال ميمڻ، سافڪو گروپ جي باني ۽ صدر سليمان جي ابڙو، سافڪو بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻين پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪايو، ملڪ جي 78هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ سافڪو عملي سان گڏجي آزادي واڪ ڪيو. ان موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي صابر حسين قائمخانيءَ چيو ته پاڪستان جن قربانين سان مليو آهي، انهن ۾ سڀ کان وڏي قرباني سنڌ ڏني، جيڪا اڄ به سنڌ اسيمبليءَ جي رڪارڊ ۾ آهي ته ڪهڙي طرح سنڌ اسيمبليءَ پنهنجا اختيار ختم ڪري سنڌ کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو، ان کان وڌيڪ ڪابه قرباني نٿي ٿي سگھي. سنڌ هزارين سالن کان آهي ۽ هزارين سال جيئندي رهندي. هن چيو ته اڄ اسان جنهن آزاديءَ جي خوي ملهائي رهيا آهيون، ان جي حفاظت پاڪ فوج بهتر مهارت سان ڪري رهي آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ پاڪستان جي وقار ۾ واڌارو ٿيو آهي. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته گذريل 78 سالن دوران سازشن هن ملڪ کي ڪمزور ضرور ڪيو آهي، پر سافڪو جهڙن ادارن ۽ سليمان جي ابڙو جهڙن اڳواڻن تي اسان کي فخر آهي، جن ملڪ جي ترقي ۽ سماجي خدمتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيستائين اهڙا ماڻهو موجود آهن تيستائين اسان نااميد نه ٿينداسين. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ڪيترائي سٺا قانون پاس ڪيا آهن، سماجي ڀلائي لاءِ سافڪو قيادت جي نطر ۾ جيڪا به قانونسازي هجي، اسان کي آگاهه ڪري، ان کي صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪنداسين. سليمان جي ابڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هر صديءَ ۾ بک، بدحالي ۽ جنگين ۾ ويهه ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ ٿي وڃن ٿا. امن ۽ خوشحالي ملڪ جي هر شهريءَ جو حق آهي، جنهن لاءِ اسان پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. اسان جي ڪوشش آهي ته بنا ڪنهن به متڀيد جي ماڻهن جي خدمت ڪريون ۽ سندن اميدن تي پورا لهون. سافڪو بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته سافڪو جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، جيڪو سليمان جي ابڙو جي بصيرت جو نتيجو آهي. سي اي او سافڪو سپورٽ فائونڊيشن بشير احمد ابڙو چيو ته پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ ئي اصل ۾ حب الوطني آهي، ۽ سليمان جي ابڙو ماڻهن جي توقع مطابق ڪم ڪيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو گراسپ پراجيڪٽ مئنيجر مصطفيٰ راڄپر ٻڌايو ته يورپي يونين جي فنڊ ذريعي انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر، پي پي اي ايف ۽ يو اين فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن جي سهڪار سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ گراسپ پروجيڪٽ تحت اسان ڪاروبارن کي هٿي وٺرائي غربت ۾ گھٽتائي آڻڻ ۽ ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪا پڻ ملڪ جي ئي خدمت آهي. تقريب کي ذيشان ميمڻ، اقرا شعيب راجپوت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. آخر ۾ پاڪستان جي سلگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته معزز مهمانن کي سنڌ جي روايتي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.