قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اٺين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا

سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. ھزارين سالن جي تھذيب جي علامت آھي: اڳواڻ

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اٺين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا

حيدرآباد/ڪوٽ غلام محمد/مسو ڀرڳڙي/ڳيريلو/شاھپورچاڪر(رپورٽرز وٽان) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اٺين ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، شوڪت نوحاڻي، مقصود احمد ڀرڳڙي، ڪامريڊ رازو مل، هادي بخش ڀرڳڙي، گلشن سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. حيدرآباد جي علائقي مسو ڀرڳڙي ۾ سوزوڪي اسٽاپ کان ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري الله واري چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، گلزار ڪلھوڙو، معشوق وگھيو، موج علي سولنگي، رب ڏنو ملڪ، زاھد ڀنڀرو ڪئي. احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون پڻ شريڪ ٿي. ڳيريلو ۾ جميل احمد لاڙ، سھيل ابڙو، ذيشان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. شاھپورچاڪر ۾ محمود رخشاڻي، حضور بخش ڏاھري، اياز لطيف راڄپر، محمد حسن پلھ، نواب ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب چيو تہ سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي. ھزارين سالن جي تھذيب جي علامت آھي. 6 نوان ڪئنال سنڌ ۽ ڪروڙين ماڻھن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. وفاق ۽ سنڌ ۾ ويٺل حڪمرانن جو عوام سان ڪو تعلق ناھي. زمينون ۽ وسيلا لٽيا پيا وڃن. سنڌ ۾ تعليم، صحت سميت سمورو نظام درھم برھم آھي. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنجي ويون آھن. روڊن ۽ ٻين ترقياتي منصوبن ۾ 60 سيڪڙو تائين ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي، جنھنڪري سمورا ڪم ناقص ٿين ٿا. ٿوري وقت ۾ روڊ ۽ بلڊنگون تباھ ٿي وڃن ٿيون. ميرٽ جي لتاڙ، منشيات، ماڻھن جو اغوا انڊسٽري بنجي ويو آھي. ڪرپشن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ دشمن 6 ڪئنال اڃا رد نہ ٿيا آھن. سي سي آءِ جي هن جوڙجڪ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وفاق يا پنجاب جو ڪو بہ منصوبو رد نٿا ڪرائي سگهن. نذير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ بنايو ويو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش آھي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو. محمود رخشاڻي خطاب ڪندي چيو تہ اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي. بدامني سبب ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪامن ٿيون. سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪڏھن بہ خاموش نہ ويهنداسين. ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ختم ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رھندي.