English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون
293 views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
لعلورائنڪ، شھدادپور، مٽياري ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ٻئي ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ قمبر-شهدادڪوٽ جي علائقي لعلورائنڪ ۾ ضلعي صدر ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ضمير مُغيري، سجاد اڪبر مُغيري، معشوق مرکنڊ، پناهه تونيو ۽ اشفاق سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شھر جي مک چوراھي تي پھچي مظاھرو ڪيو. ھوڏانھن شھدادپور ۾ ضلعي صدر زبير ماڪوڙاڻي، وڪيل صدام کوسو، ڪامريڊ نارومل، علي حسن خير شاهي، گلشير باگراڻي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. جڏھن ته مٽياري ۾ عوامي پارڪ نصرپور چوڪ نيشنل باء پاس کان پيادل ريلي ڪڍي مٽياري پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ضلع مٽياري صدر ماجد علي خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ رب ڏنو ملڪ، حيدرآباد ڊويزن نائب صدر نعيم جان خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري عبدالغفور کوسو، آفيس سيڪريٽري حيدرآباد ڊويزن رابطا سيڪريٽري ظفر حسين خاصخيلي، مزدور تحريڪ ضلع صدر سيد گاجن شاھ، آفيس سيڪريٽري اقبال حاجاڻو، مٽياري سٽي صدر فريد حسين ملاح، سٽي نائب صدر الطاف کوسو، جاگير ملاح، عاشق علي کوسو، سنڌياڻي تحريڪ صدر فضاء ملاح، سلما ڏاھري ۽ ٻين ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ گرين پاڪستان سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن. اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيو ويندو. 6 ڪئنال، گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن آھن. پ پ پ حڪومت جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي تائين وڙھندا ھي نسلن جي جنگ آھي. پ پ ٻھروپي آھي. سنڌو درياھ اسان جي زندگي آھي. پنجاب سنڌو درياھ تي قاتلاڻو حملو ڪيو آھي. 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ جا ماڻھو پاڻي ڦڙي لاء سڪي ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
سنڌ دشمن منصوبن
حيدرآباد
0 تبصرے