گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول پٿورو جي شاگردياڻي شميم بنت صوبدار پوزيشن هولڊر قرار
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميرپورخاص تعليمي بورڊ پاران ڏھين ڪلاس جي سالياني امتحان 2025 جي نتيجن جو باقاعدي اعلان ڪيو ويو، جنھن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري شاگردياڻين اعليٰ پوزيشنون حاصل ڪيون، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول پٿورو جي محنتي شاگردياڻي شميم بنت صوبدار 972 مارڪن سان پهريون نمبر حاصل ڪري ضلعي ۽ بورڊ جو نالو روشن ڪيو، دي ڪاليمنٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص جي شاگردياڻي عميہ بنت اشفاق احمد 966 مارڪن سان ٻئي پوزيشن تي رهي، جڏهن ته فضه بنت عمران چوڌري ۽ لائبه حسين بنت نصرت حسين ٻئي 963 مارڪون ماڻي ٽئين پوزيشن تي گڏيل طور تي قابض رهيون، بورڊ جي ترجمان موجب، 2025 جي سالياني امتحان ۾ سائنس گروپ مان 31951 اميدوارن شرڪت ڪئي، جن مان مجموعي طور تي 95.59 سيڪڙو اميدوار ڪامياب ٿيا، جيڪو ضلعي اندر تعليمي ترقي جو مثبت اشارو آهي، والدين، استادن ۽ واسطيدار ڌرين پاران پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين کي واڌايون ڏنيون ويون ۽ سندن روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو ويو.
0 تبصرے