عمرڪوٽ ۾ عظيم الشان مجلسِ عزا، هر مذهب ۽ مڪتب فڪر جي شرڪت

ڪربلا رڳو ڪنهن هڪ قوم يا فرقو نه، پر پوري انسانيت لاءِ ھڪ امر پيغام آهي: علامه آغا شبير الحسن طاهري

عمرڪوٽ ۾ عظيم الشان مجلسِ عزا، هر مذهب ۽ مڪتب فڪر جي شرڪت

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) خاصخيلي چوڪ عمرڪوٽ ۾ بي بي سڪينه سلام الله عليه جي شهادت جي مناسبت سان عظيم الشان مجلس جو اهتمام ڪيو ويو، جتي هر مذهب ۽ مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ھن پراثر مجلس ۾ ھندو، عيسائي، سني ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن جي شرڪت ھن ڳالھ کي ثابت ڪيو ته ڪربلا رڳو ڪنهن هڪ قوم يا فرقو نه، پر پوري انسانيت لاءِ ھڪ امر پيغام آهي، ۽ حسيني فڪر ھر دل ۾ واسيل آهي، ھن پُرباوقار مجلس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي ناليوارن عالمِ دين علامه آغا شبير الحسن طاهري ۽ مولانا ارشاد علي عرفاني، ڪربلا جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي، ھنن چيو ته دنيا جي ھر قوم ۽ ملت ۾ حسيني فڪر سان محبت ڪندڙ موجود آھن، ڇاڪاڻ ته ڪربلا اسان کي انسانيت، قرباني ۽ ظلم جي خلاف بيهڻ جو پيغام ڏئي ٿي، علامه آغا شبير الحسن طاهري چيو ته جيئن ماضيءَ ۾ مولا عليؑ اسلام ۽ انسانيت جي بچاءَ لاءِ جنگ ڪئي، تيئن اڄ به علي جا پوئلڳ آمريڪا ۽ اسرائيل جھڙن شيطانن جي مقابلي ۾ مظلوم فلسطيني عوام جي حق ۾ ميدان ۾ موجود آھن، ھن خاصخيلي چوڪ ۾ مجلسن جي مسلسل اهتمام تي منتظمين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ھي چوڪ هاڻي شعور ۽ بيداري جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، نوحا خواني جا فرض سنڌ جي مشهور نوحا خوان اقبال فقير سميت ٻين نوحا خوانن ادا ڪيا، جن جي آواز ۾ درد ۽ حسيني جذبو نمايان هو، ھي مجلس جن معزز عزادارن جي شرڪت سان منعقد ٿي، انهن ۾ عزادار ملير خان خاصخيلي، امير بخش خاصخيلي، عادل حسين رحيمداڻي، فقير گلڻ خاصخيلي، سردار سيف الله خاصخيلي، اليان خاصخيلي، افروز علي خاصخيلي، غلام علي سمون، سيد عباس علي شاه، محمد زمان کوسو، علي حسن کوسو، اسد علي ڀرڳڙي ۽ عالمگير خاصخيلي شامل هئا، جڏھن ته مؤمنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڏٺي ويئي، آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي، عوام جي خوشحالي ۽ عربين جو رستو کُلڻ لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون.