گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي دنگ وٽ ٽيڪس ڀرڻ سبب رهواسي سخت پريشان

گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي دنگ وٽ ٽيڪس ڀرڻ سبب رهواسي سخت پريشان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي دنگ قومي شاهراه تي واقع گهگهر يونين ڪائونسل ۾ رهواسين کي ساڳي روڊ تي قائم ٻن مختلف ٽائونز جي چيڪ پوسٽن تي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو، جنهن سبب خاص طور تي مال مالوند طبقي لاءِ صورتحال مشڪل بڻجي وئي آهي.متاثرن موجب ٻنهي ٽائونز پاران پنهنجي حدن ۽ اختيارن بابت عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن، پر ان قانوني تڪرار جو بار عام ماڻهون تي وڌو پيو وڃي. مقامي سطح تي ٻه ڌار ناڪابندي جا هنڌ قائم ڪري، مال جي آمد و رفت تي ٻٽو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن.مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته هو روزانو پنهنجا جانور کڻي شهر وڃن ٿا، پر ٻن ڌار ڌار ناڪن تي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ مجبور آهن. انهن ان عمل کي ظلم قرار ڏيندي چيو ته اڳ ئي مهانگائي ۽ ڪاروباري خرچ وڌي ويا آهن، هاڻ جڏهن گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٻئي الڳ الڳ محصول وٺن ٿا، ته ان سان مال پالڻ وارن آبادگارن ۽ کير جي فراهمي واري چين کي به نقصان پهچي رهيو آهي.عوامي شڪايتن مطابق، سنڌ حڪومت چوپائي مال جي ويڪسين، چارو يا بنيادي ويٽرنري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جڏهن ته مقامي انتظاميا رڳو مالي وصولي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ديهاتي چون ٿا ته ٽيڪس جي عيوض نه ڪا سهولت ملي رهي آهي، نه روڊن جي حالت بهتر آهي، نه ئي جانورن لاءِ ڪا اسپتال موجود آهي.مالوندن مطالبو ڪيو آهي ته گڏاپ يا ابراهيم حيدري مان ڪنهن هڪ ٽائون جي چيڪ پوسٽ ختم ڪئي وڃي، قانوني ۽ انتظامي وضاحت سان رڳو هڪ ٽائون کي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي. اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته فوري نوٽيس وٺي، ديهي معيشت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن.