راجوير سنگھ سوڍو جي صدارت هيٺ انساني حقن بابت صوبي سطح واري ٽاسڪ فورس جو اجلاس

راجوير سنگھ سوڍو ۽ انساني حقن کاتي جي سيڪريٽري بين الکاتي رابطن کي وڌيڪَ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو

راجوير سنگھ سوڍو جي صدارت هيٺ انساني حقن بابت صوبي سطح واري ٽاسڪ فورس جو اجلاس

عمرڪوٽ/ڪراچي (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) انساني حقن بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اهم اجلاس اڄ ڪراچي ۾ انساني حقن کاتي جي معاهدي واري سيل جي آفيس ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت معزز خاص معاون راجوير سنگھ سوڍو ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي مختلف لاڳاپيل کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل ايجنڊا تي تفصيلي بريفنگون ڏنيون، نمائندن انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجن کاتن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو ته اجلاس ۾ ٿيل فيصلن ۽ معاملا تي وقت سر ۽ جامع رپورٽنگ يقيني بڻائي ويندي، اجلاس جي آخر ۾ خاص معاون راجوير سنگھ سوڍو ۽ انساني حقن کاتي جي سيڪريٽري بين الکاتي رابطن کي وڌيڪَ مضبوط ڪرڻ ۽ رپورٽنگ جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته انساني حقن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ناگزير آهن.